سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي سينئر نائب صدر  سيد طاهر حسين شاھ چيو آهي ته  بلدياتي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ۽ خونريزي جو خدشو آهي، پولنگ اسٽيشنن جي اندر ۽ ٻاهران فوج مقرر ڪئي وڃي، سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد طاهر حسين شاھ چيو ته پيپلزپارٽي اليڪشن ۾ ڌاندلي جي انتها ڪري ڇڏي آهي، مخالف اميدوارن کي هيسايو ۽ ڌمڪايو وڃي ٿو.