سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو عورت اھلڪار ٽن ٿاڻن تي منشي مقرر، آءِ جي سنڌ جي ھدايتن  تي ٽن عورت اھلڪارن کي منشيءَ مقرر ڪيو ويو. ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ مقرريءَ جا آرڊر جاري ڪري ڇڏيا. اِن ڏس ۾ ايس ايس پي سکر آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق آءِ جي سنڌ جي حڪم تي سکر جي ٽن ٿاڻن تي عورت اھلڪارن کي منشي طور مقرر ڪرڻ جا آرڊر جاري ڪيا ويا. منشي طور ٿاڻن تي مقرر عورت اھلڪارن ۾ زرينا ملاح آباد ٿاڻو، نسيم ملاح سائيٽ ايريا، عابده بي سيڪشن ٿاڻي تي مقرر ڪيون ويون آھن. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سکر جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو آھي جو ٽن عورت اھلڪارن کي ٿاڻن تي منشي مقرر ڪيو ويو آھي، مقرريءَ کان پوءِ ڄاڻايل عورت اھلڪارن ٿاڻن تي پھچي چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڏنو آھي.