ميرپورخاص (بيورورپورٽ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران سنڌ ۾ ٿاڻن تي مردن سان گڏ عورت اهلڪارن کي بطور  وڏو منشي مقرر ڪرڻ وارين هدايتن بعد ايس ايس پي ميرپورخاص نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ضلعي ۾5 عورت اهلڪارن کي مختلف ٿاڻن تي هيڊ محرر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ ٽائون ٿاڻي تي اي ايس آءِ موبينا، غريب آباد ٿاڻي تي اي ايس آءِ حوا، وومين ٿاڻي تي اي ايس آءِ فهميده، ڊگھڙي ٿاڻي تي اي ايس آءِ عمرانه، جڏهن ته جھڏو ٿاڻي تي اي ايس آءِ افسانه شامل آهن، پهريون ڀيرو اهم ٿاڻن تي عورت پوليس اهلڪارن کي بطور وڏو منشي مقرر ڪرڻ جا آرڊر جاري ٿيڻ بعد عورت پوليس اهلڪارن پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي عوام پاران بهتر تبديلي قرار ڏنو پيو وڃي، ايس ايس پي ميرپورخاص چيو ته پوليس کاتي ۾ عورت اهلڪارن کي مرد اهلڪارن برابر ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ واري حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن،