پيرولاشاري (ن  پ ا) پيرولاشاري کان 30 ڪلوميٽر جي فاصلي تي مورجھر ڀرسان ڳوٺ منٺار خاصخيلي جو رهواسي 24 سالن جو عرس پٽ احمد خاصخيلي گھرو پريشانين ۽ بيروزگاري  کان تنگ ٿي ٻٻر جي وڻ ۾ رسو ٻڌي مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي جنهن جو اطلاع بدين پوليس کي ڏنو ويو جيڪا سرزمين تي پھچي لاش وڻ مان ھيٺ لھرائي پوسٽ مارٽم لاءِ بدين انڊس اسپتال کڻائي وئي، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي گھر۾ ڪھرام مچي ويو ماءُ ۽ ڀينرن کي بيھوشي جا دورا، مقتول جي جنازا نماز ۾ سوين ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي ۽ سندس لاش اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ياد رھي ته ٻن مھينن دوران 6 نوجوانن بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪري چڪا آهن.