رياض(اسپورٽس نيوز) پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو کانپوءِ ارجنٽائن کي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي ڏياريندڙ ليونل ميسي کي به سعودي عرب جي فٽبال ڪلب کيڏڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. خليج ٽائمز جي رپورٽ موجب مشهور فٽبال جي صحافي فابريزيو رومانو انڪشاف ڪيو آهي ته سعودي ڪلب الهلال طرفان ليونل ميسي کي مبينا طور تي 400 ملين يورو سالياني معاهدي جي آڇ ڪئي وئي آهي. ميسي هلندڙ سيزن جي پڄاڻيءَ تي فرانسيسي فٽبال ڪلب پيرس سينٽ جرمن کي ڇڏڻ جو ارادو رکي ٿو. ٻئي طرف خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ميسي يورپ جي ئي ڪنهن ڪلب لاءِ کيڏڻ جو خواهشمند آهي. ليونل ميسي سعودي ڪلب جي آڇ قبول ڪري ٿو ته اهو پنهنجي حريف ڪرسٽياو رونالڊي سان گڏ شامل ٿي ويندا جيڪو پهريان ئي النصر جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته ليونل ميسي 2021ع ۾ پي ايس جي سان 2 سالن لاءِ معاهدو ڪيو هو.