ڪراچي (رپورٽ: صدام ڪولاچي) ابراهيم حيدري ڊي گول فٽبال ٽورنامينٽ ۾ وڌيڪ 3 ميچز جو فيصلو، رانديگرن جو جشن، اِن ڏس ۾ محمد علي شاهه ۽ حاجي شفيع محمد ڄاموٽ ميموريل ڊي گول فٽبال ٽورنامينٽ جي ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ ٽن ميچز جو فيصلو ٿيو. ڇهين ڏينهن جي پهرين ميچ ۾ برازيل ٽيم فرزان اسپورٽس کي شڪست ڏني، جڏهن ته ٻِي ميچ ۾ خاصخيلي يونائيٽڊ لڪي اسٽار کي مات ڏيڻ ۾ ڪامياب رهي. ٽئين دنگل ۾ دل حيدري ٽيم ٽن گولز تان حيدري بلوچ ٽيم کي گهر ڀيڙو ڪيو، اِها ميچ گذريل ڏينهن برابر ٿيڻ سبب ٻيهر ڪرائي وئي آهي. ايونٽ جي ڇهين ڏينهن واپاري محبوب، پاڪ نيوي جي ڪمانڊر نديم، ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي ميجر ذيشان گجر شرڪت ڪئي ۽ رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي. پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه رانديگرن توڙي تماشائين جو جوش ۽ جذبو ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته اهڙا ايونٽ جاري رکڻ جو پڻ عزم ورجايو.