ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ آءِ جي آفيس آڏو پاڻ ساڙيندڙ ميرپورخاص جي سب انسپيڪٽر مظفر چانڊيو واري واقعي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم، ان ڏس ۾ آءِ جي مشتاق مهر ايڊيشنل آءِ جي عارف حنيف جي سربراهي ۾ ڊي آءِ جي (هيڊڪوارٽر ) پيرمحمد شاهه ۽ ايس ايس پي طارق نواز تي ٻڌل جاچ ڪاميٽي جوڙي آهي، ڪاميٽي کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته اها سب انسپيڪٽر جي خودڪشي جا ڪارڻ ۽ حقيقتون معلوم ڪندي، سب انسپيڪٽر کي خودڪشي تي مجبور ڪندڙ ذميوارن کي وائکو ڪندي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سفارشون پڻ جوڙيندي، ڪاميٽي کي جاچ ڪري 7 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف سنڌ پوليس جي ترجمان موجب پاڻ ساڙيندڙ سب انسپيڪٽر تي ميرپورخاص ۾ عورت اهلڪار کي هراسان ڪرڻ جو الزام هو، جنهن جي ڊي ايس پي (ٽيليڪام) جاچ ڪري سب انسپيڪٽر کي ڏوهي قرار ڏئي معطل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، معطل ٿيڻ بعد سب انسپيڪٽر انتهائي قدم کنيو. سب انسپيڪٽر جي سرڪاري گاڏي وري سندس پٽ استعمال ڪندو هو، جنهن حادثو ڪري هڪ واٽهڙو کي ماري وڌو هو