ڪرمپور/ غوثپور (نمائندن وٽان) غوثپور ويجهو هڪ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل ڳوٺ عارب خان بجاراڻي واسي سبحان بجاراڻي کي پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ئي وئي آهي، اغوا ٿي ويل سبحان بجاراڻي کي پوليس ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي مان مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي، پوليس موجب مغوين جي بازيابي لاءِ ڳڙهي تيغو واري علائقي سميت ڪچي جي ٻين علائقن ۾ آپريشن هلندڙ هو، جنهن بعد ڏوهارين دٻاءُ ۾ اچي مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته اطلاع پوڻ تي بروقت ڪارروائي ڪري ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪايو، جنهن دوران ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني ۽ جوابي فائرنگ بعد ڏوهاري مغوي کي ڇڏي پاڻ ڪچي طرف فرار ٿي ويا. ٻي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته پوليس نوجوان کي چڱن مڙسن معرفت راڄوڻي ذريعي بازياب ڪرايو آهي.