ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فوج ۽ پوليس پاران گشت ڪيو ويو، جڏهن ته اهلڪارن پاران شهرين ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ماسڪ پڻ تقسيم ڪيا ويا، رپورٽ موجب جهڏو ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پاڪ آرمي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پوليس سان گڏ شهر جو گشت ڪيو، اهلڪارن عوام کي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون، جڏهن ته آرمي پاران شهرين ۾ ماسڪ پڻ ورهايا ويا، ڊگهڙي ۾فوج جي جوانن شهر جي مختلف روڊن جو گشت ڪري عوام ۾ ماسڪ تقسيم ڪيا. اسلام ڪوٽ ۾ فوج اي سي جي اڳواڻيءَ ۾ فليگ مارچ ڪري شهرين، واپاري ۽ ٽرانسپورٽرن توڙي مسافرن ۾ 1500 ماسڪ ورهايا، شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف نبي کهڙو جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ پاڪ آرميءَ جا آفيسر ليفٽيننٽ ڪرنل علي، اي ايس پي شڪارپور سيد فاضل شاهه بخاري، اسسٽنٽ ڪمشنرن، واپاري تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊي سي چيو ته بار بار اطلاع ڏيڻ باوجود مارڪيٽون وقت تي بند نه ٿيون ڪيون وڃن، دڪان سيل ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، گڏجاڻي بعد ڊي سي ڪاشف نبي کهڙو جي اڳواڻيءَ ۾ ضلعي اندر فليگ مارچ ڪيو ويو، مارچ ۾ پاڪ آرمي جي ليفٽيننٽ ڪرنل علي، اي ايس پي سيد فاضل شاهه، ڊي ايس آر رينجرس امجد علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، هوڏانهن قمبر ۾ پوليس شاهي بازار، ريشم گلي سميت سمورا مارڪيٽ بند ڪرائي عوام کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، لاڙڪاڻي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون دوران پوليس اهلڪارن شهر جي شهر جي مُک بازارن، ريشم گلي، شاهي بازار، پاڪستاني چوڪ، بندر روڊ، اسٽيشن روڊ، رائل روڊ، جناح باغ چوڪ سميت ٻين ڪاروباري مرڪزن کي 6 وڳي کان پوءِ مڪمل طور بند ڪرائي ڇڏيو.