اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پاران تيار ڪيل ووٽر لسٽ ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جا 10.4 سيڪڙو وٽ گهٽ رجسٽرڊ ٿيل هجڻ جي تصديق ٿي آهي ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ ووٽر لسٽن ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورت جي گهٽ ووٽ رجسٽرڊ هجڻ واري مامري جي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، اليڪشن ڪميشن ۾ جينڊر افيئرز جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر نگهت صديق اجلاس کي ٻڌايو ته مارچ 2021ع تائين تيار ٿيل ووٽر لسٽن ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي رجسٽرڊ ووٽن وچ ۾ فرق 10.4 سيڪڙو آهي، ان حوالي سان سبب ڄاڻڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ملڪ جي 20 ضلعن ۾ پائليٽ پروجيڪٽ ذريعي سروي ڪرائي، جنهن دوران عورتن جي گهٽ ووٽ رجسٽرڊ ٿيل هجڻ جو هڪ سبب عورتن جي هڪ وڏي آبادي وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ آهي، سروي دوران اهو به معلوم ٿيو ته جن علائقن ۾ عورتن جا گهٽ ووٽ رجسٽرڊ ٿيل آهن انهن علائقن ۾ نادرا جون آفيسون تمام گهڻي مفاصلي تي قائم ٿيل آهن، جڏهن ته شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ طريقيڪار پيچيده هجڻ ۽ معاشرتي چيلينجن جي حوالي سان گهٽ آگاهي به عورتن جي ووٽ گهٽ رجسٽرڊ ٿيل هجڻ جي سببن ۾ شامل آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ووٽر لسٽن ۾ صنفي فرق کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي فيلڊ آفيسن، نادرا سان گڏ ڪم جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي ان حوالي سان 29 جون تي ٻيهر اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.