خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاه جا سوين ڳوٺن ۾ ٻن مهينن کان مسلسل ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي ضلعي انتظاميا ٻوڏ جو پاڻي ڳوٺن مان نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪاڇو سميت سوين ڳوٺن کي شهر کي ملائيندڙ روڊ گوزو خيرپورناٿن شاه لنڪ روڊ پاڻي هيٺ هجڻ جي ڪري ٻوڏ متاثر ٻيڙين ۽ ٽريڪٽر ٽرالين تي سفر ڪرڻ تي مجبور آهن، ٻن مهينن کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو ڪڻڪ جي پوکائي متاثر ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ، ڳوٺن بند تي ويٺل ٻوڏ متاثرن وٺ کاڌ خوراڪ مال جي چاري جي کوٽ سبب سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻوڏ متاثرننسان گڏ جانور به بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن معصوم ٻارڙن سميت عورتون غذايت جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيون آهن،جڏهن ته شهر جي چئن وارڊن ۾ هن وقت به ٻه کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل آهي انتظاميا پاران شهر جي وارڊن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ڊيزل پمپ مشينون لڳائي پاڻي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ٻوڏ دوران ڊهي ويل گهرن جي سروري روينيو کاتي جي ملازم تعليم کاتي جي استادن پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ شهر جي سروي مڪمل ڪري يونين ڪائونسل سنڌي ٻٽڙا ۾ سروي شروع ڪئي وئي آهي،هوڏانهن ٻوڏ متاثرن مختيار ڪار خيرپورناٿن شاه خلاف شهري اتحاد جي چيئرمين حافظ محمد امين جمالي جي اڳواڻي ۾ هاء اسڪول اڳيان عورتن مردن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن چيو ته مختيار ڪار کي ٽي ٽرڪون ڪمبل جون ڀريل ۽ راشن سنڌ حڪومت کان مليو آهي مختيارڪار ٻوڏ متاثرين کي ڏيڻ بجاء من پسند بااثر ماڻهن کي رات جي پيٽ ۾ گاڏيون ڀري ڏئي رهيو آهي هنن چيو ته مختيارڪار عورتن مردن کان هر روز شناختي ڪارڊ جون ڪاپيون وٺي آنهن کي راشن ڪمبل ڏيڻ لاء تيار ناهي هنن الزام هڻندي چيو ته مختيار ڪار ٻوڏ متاثرن لاء ايندڙ راشن ڪمبل پرائيوٽ جڳهن تي رکي گم ڪري ڇڏيا آهن رابطي تي مختيارڪار سعيد احمد کونهارو ٻڌايو ته مونکي جيڪو راشن ۽ ڪمبل مليا آهن ٻوڏ متاثرن ۾ بنا فرق جي تقسيم ڪيا آهن.