قمبر/فيض گنج (نمائندن وٽان)  قمبر ۾ ڪتن 10ڄڻن 8 سال جي مزمل، 12 سال جي عبدالستار، 34 سال جي فداحسين، 8 سال جي گل بهار، 9 سال جي افشيٰ، 7 سال جي حسين، 14 سال جي وحيد کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي قمبر جي سول اسپتال آندو ويو جتي کين فرسٽ ايڊ ڏئي وئڪسين ڪئي وئي. هوڏانهن فيض گنج ۾َ ڪتن  عورت سميت 9 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، ويڪسين نه ملي سگهي، زخمين ۾  حيمان مجيداڻو، اقرار لاکو، سانول ماڙيچو،  دلو ماڙيجو، جمن ماڙيچو،  معصوم سعيد چنو، رحمان چانگ ۽فدا حسين راڄپر  شامل آهن.