ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪوز ۽ ٻئي عملي پاران لاڳيتو احتجاج ڪرڻ سبب مريض رُلي ويا، ڪالهه لياقت آباد گورنمينٽ اسپتال ۾ مريضن جي وارثن احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ صحت عملي جو گھيراءُ ڪيو ، مريضن جي وارثن پاران اسپتال جي مختلف وارڊن ۾  داخل ٿيڻ جي به ڪوشش ڪئي. جنهن تان ڇڪتاڻ پيدا  ٿي وئي، اسپتال انتظاميا فوري طور تي پوليس کي گھرائي حالتن تي ڪنٽرول ڪرايو. ان موقعي تي مريضن جي وارثن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاج ڪري پيو، جنهن ڪري سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جو سهولتون ٺپ ٿي ويون آهن، هنن چيو ته جڪڏهن علاج جون سهولتون بحال نه ڪيون ويون ته سخت احتجاج ڪنداسين.