احساس ضروري آ…..!

0
172
احساس ضروري آ.....!

 سنڌُ جي ماياناز شاعر اياز گُل روهيڙي ڦُل جهڙي ڪيڏي نه ڀلي ڳالهه ڪئي آھي ته ”احساس بنان ماڻهو اخبار پُراڻي آ“ واقعي جيڪڏھن ڪنهن انسان ۾ احساسِ انسانيت ناهي ته پوءِ اهو انسان هن ڀوميءَ تي بار آھي. ماڻهوءَ ۾ ماڻهپي جا هجاري گُل تڏھن ئي گونچ ڪڍندا آھن جڏھن ان ۾ انسانيت جي اوڀڙ ٿيندي آھي. ماڻهوءَ جي من ۾ انسانيت جي احساسن جا تازا آبشار نڪري نروار ٿيندا تڏھن ئي دنيا امن جو هندورو ٿيندي. ماڻهپو مُرڪي پوندو. انسانيت اوچي ڳاٽ سان دنيا ۾ پنهنجو دلربا تعارف ڪرائيندي. دلين ۾ دلبري موٽي ايندي. ڏُک لحظي ۾ لهي ويندا.

                 ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته پنهنجي اندر ۾ موجود انسان کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريون ته انسانيت جو احساس ئي اُتم اخلاق جو اعليٰ پَد آھي. پنهنجي معاشري جي آسپاس اهو ڏسون ته ڪير اُڃايل ۽ بُکايل ته ناهي. ڪنهن جا پير بنان جُتيءَ جي تتل صحرائن ۾ ڪٿي سڙن ته نٿا؟ ڪنهن منش جا لڱ لوئن ۾ بنان لٽي جي لوساٽجن ته نٿا. ڪنهن مسڪين جي نياڻي ڏاج نه ملڻ ڪري پنهنجي پيئرڪي گهر ۾ ويهي سون جهڙي جواني ڳڻتين ۾ وڃائي وار چاندي ته نٿي ڪري. آرهڙ جي هن تيز اُس ۾ ڪٿي پکي پاڻيءَ لاءِ ته نٿا ڦٿڪن. اچو ته دل جي ديول ۾ هڪڙو احساس جو ديپ ٻاري اهو چڪاس ڪيون ته ڪٿي ڪنهن پورهيت جا ٻچا بُکيا ته ناهن سُتا، يا ڪنهن غريب جي گهر ۾ بيماريءَ سبب دوا نه ملڻ ڪري ڪو آدم آخري دم ته نٿو کڻي. اسان کي انسانيت بچائڻ لئه پنهنجي پاڻ ۾ هڪڙو احساس پيدا ڪرڻو پوندو جنهن ۾ سموري معاشري جي ڀلائي لئه ڀال ڪرڻا پوندا. ذات پات، رنگ نسل ۽ دين ڌرم جا سمورا ويڇا وساري فقط انسانيت جي ناتي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو جنهن جي اسان جي هن سماج کي سخت کان سخت ضرورت آھي اسان کي اهو ڏسڻو آھي ته اول انسانيت آخر انسانيت. انسان ۾ جيڪڏھن انسانيت موٽي آئي ته اَمن پاڻهي موٽي ايندو. جڏھن امن موٽي آيو تڏھن دُنيا جيئرن لاءِ جنت بڻجي پوندي. عابد کي معبود تڏھن ئي ملي ٿو جڏھن ان جو بندو ڪنهن ساھ واري جي ڪم اچي ٿو. اهو ئي روحاني راحت جو سبب هوندو آھي. توهان ڪنهن جاندار جي مدد ڪندا ڪنهن بُکايل جي بُک ختم ڪرائيندا، ڪنهن بيمار جو علاج ڪرائيندا، ڪنهن ڏيجوان ڏوٿيئڙي کي ڪپڙي لٽي لئه ڪجهه مدد ڪندا. ڪنهن غريب تان نياڻيءَ جو بار لاهيندا. ڪنهن پکي پکڻ کان وٺي جيت جناور تائين هر جاندار جو قدر ڪندا تڏھن توهان کي هڪڙو اڌڀُت آنند ايندو. هڪڙو روحاني سڪون ملندو اهو ئي پالڻهار سان پريم جي گهڙي هوندي آھي اهو ئي زندگيءَ جو سڦل لمحو هوندو آهي. ان لمحي جو لمس ڪنهن ڪنهن خوشنصيب جي پلئه پوندو آھي. هن هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان واري نفسانفسيءَ واري بي رحم دور ۾ ماڻهن مان ماڻهپو مري رهيو آھي انسانيت جو احساس دم ٽوڙي رهيو آھي ان حساس کي جڳائڻو آھي. ان مرندڙ انسانيت کي جئدان ڏيارڻو آھي اهو تڏھن ممڪن ٿيندو جڏھن توهان ۽ اسان سڀ گڏجي هڪڙو آواز بڻجي فقط انسانيت لاءِ سوچينداسين.

ماڻهوءَ کي بُک جو ڏُک قطعي ڪونه ٿو ماري پر ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جو رويو ماري ٿو. اڀري کي سڀري جو رويو ماري ٿو. بُکايل کي پيٽ ڍاوي جو رويو ماري ٿو. بيمار کي صحتمند جو رويو ماري ٿو. بُک انسان کي ايترو تنگ نٿي ڪري جيترو هڪڙو انسان ٻئي انسان کي رسوا ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هي دنيا دورنگي آھي. هتي هر هند هميشه ٻه رنگ رچيل نظر ايندا آھن. فرحد واحد کان وٺي سموري سماج تائين ٻه رنگائي واري اهڙي دلفريب دنيا آھي جنهن کي ڏسي انسان جو عقل دنگ رهجي وڃي ٿو ته ڪلتارِ ڪائنات هن ننڍڙي گولي تي ڪيڏي نه وڏي دلچسپ دُنيا تخليق ڪئي آھي. جنهن ۾ اميري، غريبي، سردي، گرمي، پنهنجا، پراوا، اوکي، سوکي، ڏُڪار، سُڪار، ڏُک ۽ سُک مطلب هر هند ٻه رنگ آھن. ۽ اهي ٻه رنگ اڪثر انسان جا پنهنجا پيدا ڪيل آھن. ڪٿي ڪي اڌ ڍاوا سڄي سڄي رات بُک ۾ سمهي ناهن سگهندا ته ڪي وڌ ڍاوا پيٽ وڪارن ۾ بيمار ٿي پوندا آھن. ڪي جُوس پِي پِي ٿڪجي پوندا آھن ته ڪي مٺي پاڻيءَ لاءِ پيا سڪن. ڪن وٽ ٽڪو پائي ڪارڻ خاطر ڪونه ٿو لڀي ته ڪن وٽان ڳڻجن ئي نٿا.

هن دورنگي دُنيا جي جديد دؤر ۾ اسين ٻيو ڪجهه ڪري نٿا سگهون ته ايترو ته ڪريون جو پنهنجي پاڻ ۾ هڪڙو رحم پيدا ڪريون. انسانيت جي لئه ڏينهن رات ڪوشش ڪريون. جيترو ٿي سگهي انسان ذات جي ڀلي لاءِ سوچيون. پنهنجا رويا درست ڪريون. اميري غريبي وارو ڀيد ڀاوَ ڇڏي ڏيون ڇاڪاڻ ته مايا ۽ ڇايا جو ڪوبه ڀروسو ناهي. اهي اچڻيون وڃڻيون آھن. هڪ سجُ ٻه پاڇا واري ڪهاوت تي سوچي صبر اختيار ڪريون ۽ جيڪو ڪُجهه پالڻهار وٽان پلئه پيو آھي اهو پاڻ ۾ ونڊي ورڇي کائون. فضول نه وڃايون. اڪثر ڪري اوهان ڏٺو هوندو ته شادين ۽ ٻين خوشيءَ توڙي غميءَ جي موقعن تي جڏھن وڏيون وڏيون دعوتون رکيون وينديون آھن تڏھن اُتي تمام گهڻا کاڌا ذيان ڪيا ويندا آھن. اجائي اوبر ڪري اروڙين تي اُڇلائي ڇڏيندا آھن انهي تي ڪُجهه سوچڻ کپجي ۽ هڪ اهڙو سسٽم جُڙڻ گهرجي جنهن تحت اهو واڌُو بتل کاڌو ضايع ٿيڻ کان بچي پوي. ڪنهن بُکايل جي پيٽ تائين پهچي. اسان اڪثر ڪري اهو ڏٺو آھي ته اهڙن دعوتن جي موقعن تي بنان دعوت جي ايندڙ غريبن بُکايلن کي ڌڪاريو ويندو آھي. ۽ جڏھن جام فضول کاڌا بچندا آھن تڏھن اروڙين جي گند ۾ ڍير ڪري اُڇلايا ويندا آھن، پر ڪنهن مسڪين جي پيٽ تائين پهچڻ ناهن ڏيندا. ائين ڇو؟ مسڪينن سان اهڙو رويو قطعي درست ناهي. اوهان جو اُڇلايل اهو کاڌو ڪُتا ۽ ڪانگ ته کائي ويندا آھن پر اوهان اهو ڪنهن پيٽ بُکايل ماڻهوءَ جي مُنهن ۾ ڏيڻ مناسب ناهيو سمجهندا. اهي ئي اهڙا دلدوز رويا هوندا آھن جيڪي انسان جو انسانيت تان ارواح ئي کڻائي ڇڏيندا آھن. اُستاد بخاري ڪيڏو نه سچ چيو آھي ته؛

تُنهنجي ميزن تي طرحين طعام اچن

کائين ڪانگ ڪُتا جُوٺا جام بچن

آئون ڪيئن لوڻ چکان

مُنهنجا ماروئڙا روزا روز رکن.