لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪِ انصاف آڊيو ليڪ معاملي تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي صدر ياسمين راشد راڻا مدثر ايڊووڪيٽ جي ذريعي درخواست داخل ڪرائي جنهن ۾ گهرو وزارت، بچاءَ واري وزارت، چيف سيڪريٽري سيمت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواستگذار موجب پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت جون آڊيو ٽيپ ڪري ليڪ ڪيون پيون وڃن، آڊيو ليڪ ڪرڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي. عدالت کي گذارش آهي ته آڊيو ليڪ معاملي جي جاچ ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جَجَن تي ٻڌل جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ۽ پي ٽي اي کي آڊيو ليڪ کي ميڊيا تي نشر ڪرڻ کان روڪڻ جا حڪم ڏنا وڃن. ڊاڪٽر ياسمين راشد اهو به چيو ته آڊيو لڪي کي ميڊيا تي نشر ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي. درخواست جي ٻڌڻي سومر تي ٿيندي.