راولپنڊي(بيورورپورٽ+م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ذلفي بخاري ۽ فياض الحسن چوهاڻ سميت 80 ڪارڪنن جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاري ڏئي ڇڏي. چوڌري سرور گرفتار ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شيخ رشيد به گرفتاري ڏيڻ کانسواءِ هليو ويو. اڳوڻو ايم پي اي ضمانت درخواست رد ٿيڻ تي گرفتاري ڏيڻ بدران عدالت مان فرار ٿي ويو. پوليس گرفتاري ڏيندڙ ڪارڪنن کي ڪجهه فاصلي تي آزاد ڪري ڇڏيو. مليل اطلاعن موجب پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاري ڏيڻ لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڪياني، شفقت عباسي، عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد ۽ ٻيان راولپنڊي ڪميٽي چوڪ پهتا. پي ٽي آءِ اڳواڻ فياض چوهاڻ سان گڏ ٻين پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن گرفتاري ڏني جڏهن ته زلفي بخاري ۽ اعجاز خان پڻ گرفتاري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ پوليس قيدي وين کين ڪاميٽي چوڪ تان وٺي رواني ٿي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب 50 جي لڳ ڀڳ ڪارڪنن سان گڏ فياض چوهان سان گڏ گرفتار ٿيو. لوڪل ڪائونسلر به پهتا. پي ٽي آءِ جي ايم اين اي غلام سرور گرفتاري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته شيخ رشيد ۽ شيخ راشد شفيق به ڪارڪنن کي دوکو ڏئي فرار ٿي ويا. پوليس ڪارڪنن کي وٺي اڳئين چوڪ تي کين گاڏي مان لاهي آزاد ڪري ڇڏيو. پوليس موجڪب پي ٽي آءِ جي 80 کان وڌيڪ ڪارڪنن گرفتاري ڏني، قيدين جي ٽن گاڏين ۾ 90 ماڻهن جي گنجائش هئي سموريون وينون به ڀرجي نه سگهيون. پوليس وارن لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪيا ته گرفتاريون ڏيندڙ ڪارڪن اچن کين گرفتار ڪيو ويندو. فياض چوهان ميڊيا سان ڳالهائيند چيو ته مون گهرڀاتين کي چيو آهي ته ضمانت نه ڪرائجو، اسان نه ضمانت ڪرائينداسين نه درخواستون ڏينداسرن. ذلفي بخاري چيو ته اسان گرفتاري ته ڏئي ڇڏي آهي ڏسون ته اسان جي ڪيئن مهمان نوازي ٿا ڪن.   ٻئي طرف دهشتگردي جي انگ واري عدالت پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم پي اي شبير گجر سميت 4 جوابدارن جي عبوري ضمانت خارج ڪري ڇڏي جنهن تي سمورا جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويا. جوابدارن ۽ سندن وڪيلن پوليس اهلڪارن تي تشدد ڪيو ۽ فرار ٿي ويا. بعد ۾ جوابدارن جي گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت منظور ڪئي وئي.