ڪراچي(م ڊ) ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان جاري آهي، کاڌ خوراڪ جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، شماريات کاتي موجب هلندڙ هفتي به مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي. شماريات کاتي موجب هڪ هفتي ۾ مهانگائي ۾ 2.78 سيڪڙو وڌ ٿي آهي جنهن کانپوءِ مهانگائي جي مجموعي شرح 41.54 سيڪڙو تائين پهچي وئي. شماريات کاتي جي نئين رپورٽ تحت هڪ هفتي ۾ رڪارڊ 33 کاڌ خوراڪ جون شيون مهانگيون ٿيون آهن جڏهن ته 6 شين جي اگهن ۾ لاٿ ۽ 12 شين جا اگهه برقرار رهيا آهن. رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ واڌ 44 هزار 175 رپيا ماهوار آمدني وارو طبقو متاثر ٿيو جنهن لاءِ مهانگائي جي شرح 42.98 سيڪڙو رهي.