توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطل، ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم

0
62

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطل ڪري ڇڏي

عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، چيف جسٽس عامر فاروق قرار ڏنو ته سزا خلاف اپيل عيد کانپوءِ مقررڪنداسين

توشه خانه نيب ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي اپيل تي ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل چيو ته فيصلي جو جائزو ورتو آهي، هي سزا معطلي جو ڪيس آهي

عدالت چيو ته نيب جو اهو وڏو واکاڻ جوڳو موقف آهي، 31 جنوري تي راولپنڊي جي احتساب عدالت توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي سخت پورهئي سان 14-14 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، عدالت پي ٽي آءِ باني کي 10 سالن لاءِ نااهل به قرار ڏنو هو