ججز جو خط معاملو: تصدق جيلاني انڪوائري ڪميشن جي سربراهي کان معذرت ڪري ڇڏي

0
39

رٽائرڊ جسٽس تصدق حسين جيلاني ججز جي الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جي سربراهي ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

 رٽائرڊ جسٽس تصدق جيلاني خط ذريعي وزيراعظم کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو

 تصدق جيلاني پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته مناسب ٿيندو ته چيف جسٽس اداري جي سطح تي هن معاملي تي فيصلو ڪري، اعتماد ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ ڪابينا جو ٿورائتو آهيان
چيف جسٽس ۽ سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه جي اعتماد ڪرڻ تي به ٿورائتو آهيان، حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي الزامن جي جاچ ڪرائڻ لاءِ 2 ڏينهن اڳ انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز پنهنجي خط ۾ انٽيليجنس ادارن تي عدالتي ڪارروائي ۾ مداخلت جا الزام هنيا آهن

هي به پڙهندا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 6 ججز جو خط: سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو