بشام حملي جو مقصد پاڪ – چين دوستي کي متاثر ڪرڻ هو: وزير اعظم

0
30

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته بشام حملي جو مقصد پاڪ – چين دوستي کي متاثر ڪرڻ هو، حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي

وزيراعظم شهباز شريف داسو ڊئم جي دوري دوران چيني انجنيئرز کي خطاب ڪيو

شهباز شريف چيو ته بشام ۾ پاڪستان جي دشمنن حملو ڪيو، چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان ٻڌي جو جي اظهار لاءِ داسو پهتو آهيان

هن چيو ته چيني انجنيئرز کي هر ممڪن سيڪيورٽي مهيا ڪئي ويندي، دشمنن کي چين سان دوستي خراب ڪرڻ جو ڪوبه موقعو نه ڏنو ويندو