اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 6 ججز جو خط: سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

0
45

سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي طرفان خط لکڻ واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي

ججز جي خط معاملي تي پرنسپل سيٽ اسلام آباد تي موجود سمورن ججز تي ٻڌل بينچ جوڙي وئي آهي

هاءِ ڪورٽ جي ججز جي خط معاملي تي جوڙيل7 رڪني بينچ جي سربراهي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪندو

بينچ ۾ شامل ٻين ججز ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس اطهر من الله، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس جمال مندو خيل ۽ جسٽس نعيم اختر افغان شامل آهن

7رڪني بئنچ ججز جي خط جي  معاملي تي ٻڌڻي هلائيندي، سپريم ڪورٽ خط جي معاملي  تي اربع تي ٻڌڻي ڪندي