Tech Talk … ايڪويهين صدي ۽ ڊجيٽل ايجوڪيشن

0
202
Tech Talk ... ايڪويهين صدي ۽ ڊجيٽل ايجوڪيشن

 جيئن جيئن دنيا نئين صديءَ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، تيئن تيئن تعليم جي نظام ۾ تيزيءَ سان تبديلي اچي رهي آهي. دُنيا ۾ جديد علم حاصل ڪرڻ لاءِ جديد علم رکندڙ ماهرن ۽ اُستادن جي سخت کوٽ ڏسڻ ۾ اچي پئي. فزيڪل اسڪولن جا خرچ هر گذرندڙ ڏينھن سان وڌي رهيا آهن، جيڪي خرچ هر قوم پنهنجي ڪُلهن تي کڻي نٿي سگهي. ڊجيٽل ايجوڪيشن هڪڙو واحد حل آهي، جيڪو هر ملڪ ۽ هر قوم کي هڪ جهڙو حاصل ٿي سگھي ٿو. دُنيا ۾ جديد علمن جو دارومدار رياضيءَ تي آهي. رياضي پرابلم سولوِنگ (Problem Solving) جي ميدان ۾ هڪ اهم مضمون سمجھيو وڃي ٿو، جيڪو دُنيا جي جديد علم حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ تمام اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.

                 ڊجيٽل ايجوڪيشن جي ڳالهه ڪجي ته دُنيا جي مُختلف يونيورسٽين دُنيا لاءِ Open websites  جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. اهي ويبسائٽ (ز) ڪنهن به خطي يا کنڊ تائين محدود ناهن. دُنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان ڪو به سيکڙاٽ انھن ويبسائٽن جي مدد حاصل ڪري سگهي ٿو.

مثال طور: برطانيا جي هڪڙي ويبسائٽ سڄي دنيا مان رياضيءَ جا ماهر گڏ ڪري انهن لاءِ هڪڙو Platform ٺاهيو آهي، جيڪو ڪنهن به قسم جي رياضيءَ جي سوال کي حل ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو. انهيءَ قسم جي ويبسائٽ جو ڪم برطانيا جي اسڪولن لاءِ سھولت لاءِ شروع ڪيو ويو هو، جيڪو بعد ۾ هلي سڄي دنيا تائين وڌي ويو. اِهي ويبسائٽون مُختلف ڊجيٽل سافٽويئر سان گڏوگڏ لوگرٿَم جا پرابلم به حل ڪيل مهيا ڪن ٿيون.

اسان جهڙا ملڪ جيڪي تعليم جي معاملي ۾ گهڻا پوئتي آھن، اِھي ملڪ پنهنجي ناڻي جو وڏو حصو تعليم تي لڳائڻ باوجود ڪو بهتر نتيجو ناهن حاصل ڪري سگهندا، ڇو ته اهڙا ملڪ جديد تعليمي معيار تي پورا ناهن لهي سگهيا هوندا. اسان جي اسڪول سسٽم کي ڊجيٽل ايجوڪيشن جي سخت ضرورت آهي. اهڙيون ويبسائٽون جيڪي برطانيا جي اسڪولن ۾ تعليم جو معيار وڌائين ٿيون، اهڙين ئي ويبسائٽن جي مدد سان دنيا ۾ موجود مُختلف مضمون جي ماهرن سان ملي ڪري جديد تعليم کي وڌيڪ عام ڪري سگهجي ٿو. اهڙن ماهرن جي مدد سان اسان پنهنجي اسڪولنگ سسٽم ۾ جديد رياضيءَ جي علم کي به عام ڪري سگهون ٿا.

دُنيا تخليقيت (Creativity) ۽ جدت (Innovation) طرف وڌي وئي آهي. انهن پنهنجي روزاني سِکڻيءَ جي دائري کي تمام گهڻو وڌائي ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري هو نواڻ طرف وڌي ويا آهن. برطانوي تعليمي نظام ھجي يا فنش اسڪولنگ سسٽم، اِھي سڀ تعليمي نظام جدت جي رستي تي گامزن آهن.

هي دنيا هاڻي Global learners جي دُنيا آهي، جيڪي دُنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويهي دُنيا جي ٻي ڪُنڊ جي ڪنهن جديد مضمون جي ماهر کان سکي سگهن ٿا. اهڙي قسم جي سيکڙاٽن ئي دُنيا ۾ جدت کي هٿي وٺرائي آهي. اسان جي تعليمي نظام کي به اھڙن سيکڙاٽن جي ضرورت آهي، جن کي جديد تعليمي نظام ذريعي ئي ڪجهه حاصل ٿي سگهندو.