ڳالهيون ڳنوارن جون … “سيوهڻ سرڪار” جا پَٽَ ۽ سنڌين جي ويڙهاند 

0
147
ڳالهيون ڳنوارن جون ... “سيوهڻ سرڪار” جا پَٽَ ۽ سنڌين جي ويڙهاند 

 ماڻهن جا هجوم جوق در جوق سيوهڻ ڏانهن روان دوان آهن. شهباز قلندر جي ميلي جوموقعو آهي. اسين به مشاهداتي ٽوئر جي سلسلي ۾ ميلي جا پانڌيئڙا آهيون ۽ پراڻي سنڌ واري سيوهڻ سرڪار مان گذري رهيا آهيون .

                 سيوهڻ سرڪار واري هن خطي تاريخ جا وڏا گهاءَ ۽ سور سٺا آهن. انهن اڪيچار آپدائن مان هتي فقط ٻن واقعن جو ذڪر ڪندا هلون، جن سنڌ جي تاريخ جو رخ موڙي ڇڏيو، جنهن کي تاريخدانن ۽ عالمن “خرابيءِ سنڌ” جو نالو ڏنو .

                 ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي. ملڪ ۾ سمي ڄام نظام الدين جي حڪومت هئي. عادل، عاقل، داناءُ ۽ درويش صفت، روشن دماغ، فهم و فراست جو مالڪ، ملڪ داري، امورِ حڪمراني جي معاملن ۽ رعايا جي حقوق کان پوري طرح باخبر، اعلى اخلاق جو ڌڻي سنڌ جو هي حاڪم لاڏ ڪوڏ سان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي سنڀالي رهيو هو. ملڪ ۾ امن امان  هو. هر ڪو پنهنجيءَ ۾ پر مهل اچڻ تي سڀ هڪ مڙهي. سيوهڻ سرڪار جا باغبان ۽ ڳاها (ڪاهان) پرڳڻا سکيا ستابا هئا. اوڀر طرف درياهه بادشاهه ۽ ان جو ڪَچو هو، جنهن جي خوشحالي ۽ آسودگي آشڪار هئي، جنهن جي بنهه ٿوري تصوير ڪشي اسين گذريل مضمون ۾ ڪري چڪا آهيون. درياهه ۾ مها ٻوڏون اينديون هيون. باغبان، ڳاها، بوبڪ، ويندي ڪانهري جي قلعي تائين پاڻي  وڃي پهچندو هو. زرعي فصل، چراگاهه ۽ وڏي آبادي هئي، جنهن جو ذڪر تاريخ مظهر شاهجهاني فارسي نسخي ۾ ڪيل آهي.

سيوهڻ سرڪار جي اولهه طرف کيرٿر جابلو سلسلي جا اوچا ۽ ارڏا پهاڙ آهن، جتان سوَن جي تعداد ۾ ڍورا، ڍوريون ۽ نئيون وهي، ڪاڇي سميت سڄو ميداني پٽ پُسائينديون هيون. جابلو ريٽ جي طاقتور مِٽي وهائي آڻي پَٽن ۽ پٽوڙن تي پکيڙينديون هيون. ان تي جوار، ٻاجهري، ڄانڀو، گوار، تِر ، مُڱ، موٺ ۽ وَلين وارا فصل ڀلا ٿيندا هئا. جر جو پاڻي مٺو هو. کوهه کوٽائي نارن تي به آبادي وڌي ويندي هئي. مٿانهين واري زمين تي واهين ذريعي پاڻي آڻي، هرلن تي پوک ڪبي هئي. ڏاڍا سرسبز ۽ شاداب هئا سيوهڻ سرڪار جا اهي ڀاڳ ڀريا پرڳڻا. ان کان علاوه برساتون جام پونديون هيون. ان تي زرعي آبادي ٿيندي هئي ۽ مال جو چرو (چراگاهه) به تمام گهڻو ٿيندو هو. مالوندي ماڻهن جي گذران جو اهم ذريعو هو. ڳائو، ٻاڪرو ۽ ريڍو مال چراگاهن ۾ آل جال پيو چرندو هو. ماڻهن وٽ نارن ۾ جوٽڻ لاءِ اُٺ هوندا هئا. ڍڳا به نارن ۾ وهائيندا هئا. بار برداري گهڻو ڪري اُٺن تي ٿيندي هئي، البت ڍڳن تي به خرزينون ٻڌي لَڏون کڻبيون هيون. غريبن وٽ گڏهه، سرنديءَ وارن وٽ گهوڙا هوندا هئا. سيوهڻ سرڪار جو علائقو ڏاڍو سکيو ستابو هو. تاريخ کي سنڌ جو اهو سک ڀانءِ ڪونه پيو.

پوءِ هڪ ڏينهن سورهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ هڪ شاهينگ، چنگيز خان جي پونئير مان، هلاڪو خان جي پوٽي ارغون خان جي نسبي نسبت سان ارغون سڏائيندڙ، سلطان حسين خراساني جي منظور نظر امير ذوالنون جو پٽ، شجاع بيگ عرف شاهبيگ ارغون، چنگيز ۽ تيمور جي پونئير مان سلطان عمر شيخ مرزا جي پٽ ظهير الدين بابر هٿان مارون کائي، قنڌار مان ڀڄي اچي غريب سنڌ کي لتاڙيو. قنڌار ۽ هرات مان لوڌون وٺي هزارن جو لشڪر ساڻ ڪري اچي شال ۽ سبي تي قبضو ڪيائين. سندس لشڪري اڳتي وڌي آيا ۽ باغبان پرڳڻي ۾ وڏي ڦر لٽ ڪيائون. مخدوم جعفر بوبڪائي جو بيان آهي ته شاهبيگ جي فوج پورو هفتو هن علائقي ۾ ڦر لٽ ڪندي رهي. رات جي وڳڙي ۾ نارن ۾ وهندڙ هزار اُٺ به ڇوڙي ڪاهي ويا. ڄام نظام الدين جي حڪم تي دريا خان سنڌي لشڪر ساڻ ڪري سندس سرڪوبي لاءِ اچي پهتو. چون ٿا 1517ع ۾ جلوگير جي مقام تي وڏي جنگ لڳي، جنهن ۾ شاهبيگ جو ڀاءُ سلطان محمد مارجي ويو. ٻيا لشڪري ڀڄي ويا. مغل لشڪر کي رسوا ڪندڙ شڪست آئي. دريا خان ٻيهر سبي تي قبضو ڪيو. (مڪلي نامو- ص 111)

جڏهن ڄام نظام الدين حاڪمِ سنڌ لاڏاڻو ڪيو ته سنڌ نڌڻڪي ۽ ڇوري ڇِني ٿي پئي. ولي عهد شهزادي فيروز ۽ دريا خان ۾ اختلاف پئدا ٿي پيا. خبرون وڃي قنڌار تائين پهتيون. قنڌارين گهوڙا سنجيا. شاهبيگ اڳيان ٿيو. هاڻ هنن جون نظرون سنڌ جي گاديءَ ٺٽي تي هيون. شاهبيگ وڏو لشڪر ساڻ ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو. هن ڀيري ٺٽي ۾ يارهين محرم 927هه (1520ع) خانواهه جي ڪناري دريا خان جي سپهه سالاري ۾ سنڌي لشڪر سندس سامهون ٿيو. وڏي جنگ لڳي. شام ڌاري ڪنهن تير انداز جي تير لڳڻ سان دريا خان زخمي ٿي ڪريو ۽ شهيد ٿي ويو. تاريخ ظفرالواله ۾ لکيل آهي ته دريا خان کي دوکي سان گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو. (تاريخ سنڌ اردو- ص 26).

ارغوني لشڪر 20 محرم تائين ٺٽي کي ڦُريندو لُٽيندو تاراج ڪندو رهيو. ان کان پوءِ شاهبيگ سيوهڻ تي قابض ٿيڻ لاءِ ٽلٽي جي سامهون اچي لٿو. سنڌ جي سمن، سوڍن، سهتن ۽ ٻين قبيلن جي ماڻهن گڏجي ساڻس ويڙهه ڏني. مغلن ٽلٽي جي دروازي تي ڪاهه ڪري نهايت جلدائيءَ سان قبضو ڪري ورتو. شاهبيگ ٽي ڏينهن ٽلٽي ۾ رهيو، اتي جي رهاڪن لاءِ پوري بربادي آندائين. انهيءَ جنگ ۾ سوڍن عجيب لڙائي ڪئي ۽ مقابلي جي ميدان ۾ ڏاڍي مڙسي ڏيکاري ۽ بيهڪ ڪري ميدان تي بيهي ويا. انهن مان گهڻا جوڌي سوڍي جي ڀاءُ رڻمل سوڍي سان گڏ ڪسي ويا. (تاريخ معصومي- ص 157)

اڄ اسين ڪنهن لُٽيل ڪاروان جي ڀٽڪيل مسافرن وانگر سيوهڻ سرڪار جي انهن ئي پَٽن تان گذري رهيا هئاسين. بي خبر ۽ بي ثمر لوڪ قادر قلندر مست جا نعرا هڻندا سيوهڻ ڏانهن وڃي رهيا هئا. خرابيءِ سنڌ جي تاريخ جا ورق اسان جي اکين اڳيان ورندا ٿي ويا. انهن ظلمتن جا شاهد کير ٿر جا پهاڙ اڄ به اوچي ڳاٽ بيٺل نظر اچي رهيا آهن .