شهيد سورهيه بادشاهه جو عدالتي قتل ۽ تاريخي حقيقتون

0
143
شهيد سورهيه بادشاهه جو عدالتي قتل ۽ تاريخي حقيقتون

 حُرن جي قائد قيدي نمبر 1496 وطن جي آزاديءَ جي سورمي ۽ عظيم انقلابي اڳواڻ، گوري راڄ خلاف گوريلا ويڙهه جي گس تي گامزن گوهرِ ناياب حضرت صبغت الله شاهه شهيد پاڳاري جي وڇڙڻ واري ويل اڄ وري آئي آهي. ڀُونءِ جي هن عظيم شخصيت کي اڄوڪي ڏينهن ڀنڀرڪي ويل يا وڏي اسر جو حيدرآباد جيل جي ڀٽائي سيل مان اُٿاري چوٽيهه ورهين جي وهيءَ ۾ سوليءَ تي لڙڪائي ابدي ننڊ سُمهاريو ويو. سندس ڪيس جي ڦولار مان پڌري پٽ پتو پوي ٿو ته، فرنگين کيس فيئر ٽرائل جي حق کان محروم ڪري فرضي جواز جوڙي تڙ تڪڙ ۾ سرسري سماعت ڪري فوجي عدالت ذريعي سزا ڏئي فسطائيت قائم ڪئي. هن ڪيس ۾ غرض جي غُلام گورن جي گماشتن ۽ سنڌ حڪومت جي ڪٺ پتلي ڪارندن ۽ ڪابينا ميمبرن سهڪاري ساٿي بڻجي غاصب قُوت سامراج سان سهولتڪاري ڪئي.

                 سچ ته اهو آهي ته، شهيد سورهيه بادشاهه جهڙا شانائتا سورما ته ڪنهن سڀاڳي صديءَ ۾ پيدا ٿي نقش ناپيد ڪري عظمت جي قيمتي ڪايا ۽ مايا ڪمائي مارڪيٽ ۾ اصولن جي انڊيڪس آسمان تي پهچائي املهه انسان جو رتبو ماڻي ويندا آهن، باقي ملاوٽي مال ته مڙئي منڊيءَ ۾ آسان اگهن تي ميسر ٿيندو رهي ٿو. سون جي سچي کوٽي جي خبر سوناري کي پوندي آهي، باقي لاچار لوهار کي ڪهڙي خبر ته لال ڪٿي لڀندا آهن يا سون تي سيڻ مٽائڻ جي سوديبازي ڪندڙ سوداگر سٽيبازن ۽ لقبن تي لڄ ۽ لڇڻ وڃائيندڙ خوشامدي خلق کي ڪهڙي خبر ته خوشنما خاقان ڪيئن پيدا ٿي پهلوانيءَ جو حق ادا ڪري تاريخ ۾ بيباڪ بهادريءَ جو باب رقم ڪري امرتا جي منزل ماڻي ويندا آهن يا جکري جهڙا جوان ڪُهائي جاگيرون حاصل ڪندڙ جُڳاڙين يا وڍ ٽڪ جي ماهر وانڍ جي وڏيرن کي ڪهڙي خبر ته جهونجهار ڪيئن پيدا ٿي جانثاريءَ جا جوهر ڏيکاري جوت جلائي ويندا آهن، پر ڇا ڪجي! هتي ته ڪارخانو ئي ڪچي مال سان ڀريل ملي ٿو!

سورهيه بادشاهه جهڙي سيبتي سورهيه جو سربستو ذڪر ڪرڻ کان اڳ سندس پهرين سوڪالڊ ”بندوق، صندوق ۽ بستري“ واري ڪيس ۾ ٻاويهه سالن جي وهيءَ ۾ ڏيساور (اڄوڪي بنگلاديش) جي مدناپور جيل ۾ اسيريءَ واري مدت گذارڻ دوران سر شاهنواز ڀٽو ڏانهن لکيل خط واري وارتا پاڻ وصول ڪري اڳتي وڌون ٿا:

”اوهان جي ملاقات پڄاڻان 5 فيبروري تي ڪليڪٽر جيل جي دوري تي آيو، جنهن مون کي تمام گهڻي ذهني پيڙا ڏني. هِي تعصب جي ترڪيب تي ٻڌل انتظاميا جو مقصد محض مون کي ايذائڻ ۽ نت نوان ناٽڪ ڪري نيون مصيبتون کڙيون ڪرڻ آهي. آئون کوليءَ ۾ ڪنهن سان کِلي ڳالهائڻ يا کل ڀوڳ کانسواءِ صرف صوم صلوات ۽ مطالعي تائين پاڻ کي محدود رکندو پيو اچان. هر سومر، خميس ۽ جمعي تي نفس کي روزي رکڻ تي رِيجهائي ڇڏيو آهي. نيرن بي ذائقه ۽ نما شام سڪل ماني ميسر ڪئي وڃي ٿي، جيڪا روزو کولي رات جو کاوان ۽ اسر جي سحريءَ لاءِ بچائي رکڻ جو بندوبست ڪريان ٿو. تڙ لاءِ تيز صابڻ ۽ ميٽ ميسر آهي. چاهيان ٿو ته کولي صبح کان شام تائين کليل رکي وڃي ته جيئن پنهنجي ماني پاڻ تيار ڪري سگهان. ذاتي خرچ تي فروٽ ۽ فرنيس آئل تي هلندڙ هوا وارو پکو ڏنو وڃي. منهنجي ملاقاتين لاءِ مصيبتن جا مينار کڙا ڪيا وڃن ٿا. ويچارا مهينن جا مهينا ڳرا خرچ ڪري انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ واجهائيندا رهن ٿا، جيڪا ڳالهه مُور موزون نه آهي. چاهيان ٿو ته ملاقات ۽ عيد لاءِ پنهنجي ذاتي پوشاڪ پائڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ عام ڏينهن ۾ جيل جي ڊريس ڍڪڻ ۾ ڪوبه عار محسوس نه ڪندس. منهنجي ڇاتيءَ ۾ درد دائمي شڪل اختيار ڪري چُڪو آهي، جڏهن ته حاڪمن جي ڪن تي جُونءِ به نٿي سُري ۽ منهنجا پُٽ جيڪي اوسر واري عمر ۾ آهن، تن لاءِ تمام گهڻو سِڪائتو آهيان. سِيني واري سُور سبب منهنجو وزن 52 پائونڊ (22 ڪلو) گهٽجي ويو. منهنجي خواهش آهي ته مونکي سنڌ ۾ ويجهو ڪنهن جيل ۾ رکيو وڃي ته ٻچن کي ڏسي سگهان ۽ مسڪين مُريدن سان ملي سگهان. اهي مطالبا اوهان مون پاران اختياري وارن اڳيان رکو ۽ منهنجي مطالبن نه مڃڻ جي صورت ۾ 6 جون 1932ع تي مجبور ٿي بُک هڙتال شروع ڪندس!!“

واضح هجي ته سر شاهنواز ڀُٽو ۽ غُلام حُسين هدايت الله ڏانهن پير صاحب کي خطوط جي سلسلي ۾ لاڳيتو اٺ ڏينهن بک هڙتال ڪرڻي پئي، جنهن کانپوءِ جيل انتظاميا آءِ جي جيل پونا کان اجازت وٺي اهي روانا ڪرڻ جي سهولت ڏني هُئي.

ايسٽ انڊيا ڪمپني واپاري ڪوٺين جي آڙ ۾ ڏاڍ جي زور تي ڏاندارين سان ڏکڻ ايشيا جا وسيلا ميڙي مُٺ ۾ ڪرڻ بعد هن پوري خطي کي بيٺڪي راڄ جي بٺي جي بک بنائڻ بعد کيس ڪالوني قرار ڏئي برٽش ڪنگڊم جو باضابطه حصو بڻايو ته بغاوت جي باهه ڀڙڪو کاڌو ۽ هندوستانين مختلف حيلن وسيلن جي آڙ ۾ سندس چين چورائڻ جون اٽڪلون اختيار ڪري ايجيٽيشن شروع ڪئي. سنڌ ۾ گوري راڄ جي غاصبانه سوچ خلاف هڪ طرف حرن هلچل شروع ڪئي ته ٻئي طرف ٿرپارڪر ۽ جيڪب آباد ۾ جکراڻين ۽ کوسن کنا کيڙهي شروع ڪري نڪ ۾ دم ڏئي دسڻ شروع ڪيو ۽ روپلي ڪولهيءَ وارن به سندن رت ۾ رات ڪري وڌي. هوڏانهن پهرين مهاڀاري لڙائي جي لڪڙ تار به لڳي وئي. انگريزن هندوستانين کي هيسائڻ لاءِ انڊيا ايڪٽ ذريعي اذيتون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ عالمي جنگ جي آڙ ۾ انگريزن خلافتِ عثمانيه سان کئونسڻ شروع ڪيو ته سندن خلاف خلافت تحريڪ شروع ٿي. گورن کي غاصب قرار ڏئي هنن کي ڀڄائڻ لاءِ گورن سان دوستيءَ جا دڳ بند ڪرڻ لاءِ گورن سان هر قسم جي واسطي کي غير شرعي غلاظت قرار ڏيڻ جون فوري طور تي فتوائون جاري ڪيون ته، مسلڪ ۽ مفادن جو تصادم شروع ٿي ويو ۽ خلافت تحريڪ جي ايجيٽيشن ابتڙ انگريزن غرض جا غُلام پيدا ڪرڻ ۽ پاڻ سان پيوسته ڪرڻ لاءِ پيرن، ميرن، مُلن ۽ مسند نشينن کي ملائڻ جي مهم شروع ڪئي ته، پوليسي پيراڍن، ڪاٽڪو ڪامورن، جن جون شڪليون مناسب معيار جون ٿي ڏٺيون، تن کي وهنجاري، سهنجاري، سينگاري سنواري ۽ تسبيحون هٿ ۾ ڏيڻ جون ترغيبون ڏئي تر جا تمندار ۽ مير مهندار بڻائي گورن کان ترجيحي بنياد تي تمغا ڏيڻ شروع ڪيا. اهڙي نموني پوليس جمعدر رانجهي خان جهڙن رهزنن شيلڊي صاحب اڳيان مصنوعي مسند نشين بڻائي بطور پير ٿڳڙيال ۽ درگاهه ٺيڪراٺو شريف جا سجاده نشين ڪري پيش ڪري صالح جا سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ڏياريون ته ڪنڊياري وارو ڪلتار مولوي فيض الڪريم في الفور ڦڙتي ڏيکاريندي فتويٰ “تحقيق الخلافت” جي نالي سان انگريزن جي حق ۾ ڇپرائي انگريزن آڏو پڌري ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي 92 سرڪرده سجاده نشينن جون صحيحون ورتيون ويون.

انگريزن خلاف سورهيه بادشاهه جي باغيانه سوچ ۽ مسجد منزل گاهه واقعي دوران پير ڳوٺ ۾ هندن کي مارڻ واري مبينه منصوبي کي ناڪام ڪرڻ تي سکر جي ڪيلڪٽر ڪوٽاوالا پاران ڪرسي، تلوار ۽ لقب واري آڇ کي ٺڪرائڻ تي مٿس گوري سرڪار غضبناڪ ٿي گستاخي جو حساب چڪتو ڪرڻ جون چاليون اختيار ڪري، ڪوڙن ڪيسن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائي پير صاحب جي هٿيارن جا لائسنس رد ڪري رڪور ڪرڻ ۽ سندس نوڪر کي پيتي يا صندوق ۾ بند ڪرڻ ۽ پير صاحب جي ننڍي ڀاءُ راحم شاهه جا بسترا چوري ڪرڻ ۽ مائي مريم ڪورياڻي جا قتل ڪيس داخل ڪري انگريز پوليس ڪماني Sidney Redly ۽ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ايڊورڊ هارلينڊ هولٽ جي نگراني ۾ پير صاحب جي ڪوٽ تي پوليس ذريعي ڪاهه ڪري گرفتار ڪري سکر جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ رکي انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 344 ۽ 346 تحت جڙتو جواز پيش ڪري مانجهند شهر سان واسطو رکندڙ سٽي مئجسٽريٽ اوڌا رام جي عدالت ۾ ڪيس جو چالان پيش ڪيو ويو ته مذڪوره عدالت ۾ 28 آگسٽ 1930ع تي سماعت شروع ڪئي ۽ گوري سرڪاري پاران سر فرانسس لوبو بطور وڪيل پيش ٿيو، جنهن کي هائي ڪورٽ جي جج واري عهدي کان استعيفا ڏياري ان ڪيس کي منهن ڏيڻ جي ذميواري ڏني وئي، جڏهن ته سندس مدمقابل پير صاحب جي وڪيل طور بمبئي کان قائداعظم محمد علي جناح ڪَهي آيو، جنهن کي پير صاحب خانبهادر محمد ايوب کهڙي ذريعي سرڪٽ هائوس سکر ۾ رهايو. سندس معاون وڪيل طور موتي رام خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪيس ۾ پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن کي شاهد طور پيش ڪرڻ سان گڏ پير صاحب جي نوڪر ابراهيم ڪوري ۽ سندس ڀاءُ عرس ۽ چاچي ڇٽل ڪوري ۽ نوڪرياڻين نالي نوران، گلان ۽ ايمڻا کي عدالت آڏو من گهڙت ۽ ڪوڙيون ڪهاڻيون سيکاري پيش ڪيو ويو. جناح صاحب مسلسل مهينن جا مهينا رهي هي ڪيس منطقي انجام تي پهچايو، جنهن ۾ مريم جي قتل وارو ڪيس نه بيٺو. باقي پير صاحب جي سندس ئي هٿيارن ۽ نوڪر ابراهيم کي ناحق بند ڪرڻ جي ڪيس ۾ ڏهه سال سزا ٻڌائي ويئي، جنهن خلاف چيف ڪورٽ ۾ جناح صاحب اپيل داخل ڪئي. ڪورٽ جي جسٽس سرگاد فري ڊيوس آڏو اپيل جي سماعت ٿي ته جناح صاحب بمبئي کان ڪَهي اچي ڪينٽ اسٽيشن ڪراچي جي ڀر ۾ ڪارلٽن هوٽل ۾ رهي ڪيس جي پيروي ڪندو هو، جنهن ۾ عدالت پير صاحب جي ٻه سال سزا گهٽ ڪري 8 سال ڪئي. جيڪا پير صاحب ڏيساور مدناپور، راجشاهي، رتناگري ۽ علي پور جيلن ۾ پوري ڪئي. جڏهن ته اسيري جي ٽن سالن بعد پير صاحب کي مستقل آزاد ڪرائڻ لاءِ ممبئي جي گورنر آڏو سنڌ جي ڇهه سرڪرده سياسي شخصيتن ۽ پارليامينٽيرين سر شاهنواز ڀٽو، محمد ايوب کهڙو، سيد ميران محمد شاهه، نبي بخش خان ڀٽو، حاجي مير محمد بلوچ (چانڊيو) ۽ سردار شير محمد خان بجاراڻي اپيل داخل ڪري استدعا ڪئي ته “پير صاحب ٽي سال جيل ۾ گذاريا آهن، سندس چوويهه سالن جي ننڍڙي عمر آهي، پوري هندستان ۾ سندس 10 لک مريد موجود آهن ۽ سموري سنڌ جي مسلم آبادي ۾ پير صاحب جي گرفتاري تي ڪاوڙ ۽ تشويش موجود آهي. پير صاحب کي پراڻي بيماري لاحق آهي، جنهن ڪري تيزيءَ سان سندس طبعيت بگڙي رهي آهي، ان جو علاج مدناپور جيل ۾ ٿي رهيو آهي، جيڪو غير معياري آهي.

گورنر اها اپيل رد ڪري پير صاحب کي فقط بي ڪلاس بجاءِ اي ڪلاس ڏنو. ڏيساور ۾ ڏهڪاءُ تي مشتمل جيلن ۾ ڏکي ماحول ۾ رهڻ دوران پير صاحب جي شخصيت ۾ انقلابي خيالن جو اندراج ٿيو. ويتر بنگالي باشندن سان بيٺڪ سندس باغيانه سوچ ۾ بيشمار اضافو ڪيو. پير صاحب قيد دوران سندس خليفن کي مريدن کان نذراني جي وصولي کان سختي سان منع ڪري ڇڏي. جڏهن ته اڪثر پيراڻي پنچائت جو ته بنياد ئي نذراني واري نيات تي ٻڌل آهي. هندستاني جيلن ۾ قيد دوران انڪم ٽيڪس اختيارين پير صاحب کي سندس آمدني تي 6000 رپيا ٽيڪس ادائگي جو نوٽيس ڏنو ته پير صاحب برهمي جو اظهار ڪندي کانئس پڇيو ته اهو ٻڌايو وڃي ته جڏهن مون مريدن کي ڪنهن به خليفي کي نذراني ڏيڻ جي سختي سان منع ڪئي آهي ته پوءِ اهو واضح ڪيو وڃي ته منهنجي گرفتاري دوران اها رقم ڪنهن ورتي آهي، جو ٽيڪس لاڳو ٿيو آهي. بعد ۾ اهو نوٽيس غلام حسين هدايت الله ذريعي ختم ٿيو.

پير صاحب قيد جي مدت Remission پيرڊ سميت پوري ڪري آڪٽوبر 1936ع ۾ آزاد ٿيڻ بعد حرن جي ڪرائي تي ورتل ريل ذريعي ڪلڪتي کان ڪنگري پهتو. انهيءَ دوران سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي چڪي هئي. 4 فيبروري 1937ع تي سنڌ اسيمبلي جي چونڊن جو انعقاد ٿيو، جنهن ۾ عدم دلچسپي جو اظهار ڪندي سندس انقلابي پروگرام جا پهه پڇائڻ شروع ڪيا. ابتدائي طور عربستان، ايران، عراق، استنبول، فلسطين، شام، مشرق جي ٻين رياستن جي دوري تي روانو ٿيو، حجار مقدس ۾ مولانا عبيد الله سنڌي جو مهمان ٿي رهيو ۽ مختلف انقلابي اڳواڻن سان ملاقاتن بعد واپسي تي جيسلمير جو طويل سفر ڪيائين، جنهن ۾ انگريزن جي خفيه رپورٽن موجب، مريد پاران پير صاحب کي ڏيڍ سئو بندوقون، ٽي روالور ۽ بيشمار تلوارون تحفي ۾ مليون.

هن سفر جي تڪميل بعد پير صاحب غازين جي ڀرتي جو آغاز ڪيو. اهي سمورا عسڪري اهتمام ڪچي واري ڪيٽي ۽ سانگهڙ ۾ گڙنگ بنگلي تي پايهء تڪميل تي پهچايا ويا. سندس سلوگن هو “آزادي يا موت، وطن يا ڪفن”.پير صاحب عسڪري عزم کي ماٺو ڪرڻ لاءِ گورن منصوبي طور تي هڪ ڪرائي جي قاتل کي خنجر ڏيئي کيس ۽ سندس وڏي فرزندن کي قتل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو، جيڪا حقيقت ايڇ ٽي ليمبرڪ فائل ۽ سکر جي ڊسٽرڪٽ جج مسٽر اي جي ويلس جي خط مان واضح ٿئي ٿي. هن منصوبي جي ناڪام ٿيڻ بعد پير صاحب کي ٻيهر گرفتار ڪري سينٽرل پراونس (سي پي) جي ناگپور جيل ۾ چوڏهن مهينا قيد رکڻ بعد فوجي ٽريبيونل ذريعي 20 مارچ 1943ع تي ڦاهي ڏني ويئي. مذڪوره ٽرئبونل ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به بطور ميمبر ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. نه صرف اهو پر هن پريتم آباد ۾ حر ايڪٽ طور به حرن کي سزائون ڏنيون.