سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ برسات جون تباهيون: 25 ڄڻا فوت: ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن کي نقصان جو خدشو

0
45
سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ برسات جون تباهيون: 25 ڄڻا فوت: ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن کي نقصان جو خدشو
سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ برسات جون تباهيون: 25 ڄڻا فوت: ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن کي نقصان جو خدشو

ڪراچي (نمائندن وٽان) پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات پئي، ان سلسلي ۾ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ 24 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ گجگوڙ سان برسات پئي. سخت برساتن سبب کنوڻ ڪرڻ سبب ڏکڻ پنجاب ۾ 16 ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 8 فوتگيون ٿيون آهن. جن ۾ رحيم يار خان ۾ 7، بهاول نگر، بهاول پور ۽ لوڌران ۾ 3، 3 ڄڻا فوت ٿيا آهن

بلوچستان ۾ 8 ڄڻا فوت ٿيڻ کان سواءِ 6 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن. چمن، سوراب ۾ کنوڻ ڪرڻ سان ٻه ٻه ماڻهو فوت ٿيا، قلعه عبدالله، مسلم باغ، پشين ۽ ڊيره بگٽي ۾ به هڪ هڪ ڄڻو فوت ٿيو، ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ ھوران کوسو ۾ ٻني ۾ لابارو ڪندڙ 50 ورھين جو جيوت گولاٽو کنوڻ  ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏھن ته تيز ھوا سان ھلڪي برسات جوسلسلو جاري رهيو. قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پڻ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو

وڌيڪ برسات پوڻ جي صورت ۾ ڪڻڪ جي تيار ٿيل فصل کي سخت نقصان ٿيڻ جو خدشو هاري آبادگار پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا، ٺري ميرواهه ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز هوا سان برسات پوڻ بعد گرمي جو زور ٽٽي پيو،کپرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات پئي، شھدادپور ۽آسپاس وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پئي، تيز هوا لڳڻ سبب انبن جو ٻور ڇڻڻ جي نتيجي ۾ باغائين کي وڏو نقصان پهتو، ، شاهپورچاڪر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پئي

ڪنڊيارو ۽ ڀرپاسي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن بعد گرمي جو زور ٽٽي پيو، ڀرياسٽي ۽ آسپاس تيز ھوا سان گڏ برسات پئي، جنهن سبب بجلي جو نظام درھم برھم ٿي ويو، ٻانڌي ۽ دريا خان مري ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ تيز طوفاني ھوا سان برسات جو وسڪارو ٿيو

پيارواسٽيشن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾  برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، ٽنڊو آدم ۽ آسپاس تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو، ميھڙ  ۽ ڀرپاسي به برسات پئي ،خيرپورناٿن شاهه ۾ به برسات جو وسڪارو ٿيو