فريدآباد (رپورٽ: اقرار چانڊيو)فريدآباد تيوڻا- خاصخيلي تڪرار جو پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي سرپئنچي ۾ جرڳو، خاصخيلي ڌر تي مجموعي طور 86لک رپيا ڏنڊ وجهڻ سميت نوجوان کي ڳوٺ نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڳوٺ الھڏنو تيوڻو مان ھڪ سال اڳ شادي شده عورت ثمينا زال پياس تيوڻو پاران مبينا طور پپو خاصخيلي سان گهران نڪري وڃڻ واري مامري کانپوءِ پوءِ ڌرين ۾ڇڪتاڻ ۽ جهيڙي دوران گولي لڳڻ سبب قتل ٿي ويل امتياز تيوڻو ۽ شادي شده عورت جي مبينا طور پپو خاصخيلي سان گهران نڪري وڃڻ واري مامري جو جرڳو قمبر ۾ سردار چانڊيو جي سرپئنچي ۾ ٿيو. ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد مقتول امتياز خاصخيلي جي خون جا 40 لک، ٽن زخمين جا 9 لک عورت کڻڻ جو 37 لک ڏنڊ وجهڻ سميت شادي شده عورت کي گهران کڻي وڃڻ تي پپو خاصخيلي کي ڳوٺ نيڪالي  ڏيڻ سميت مجموعي طور تي خاصخيلي ڌر مٿان 86 لک ڏنڊ وڌو ويو. ياد رهي ته  عورت ثمينا تيوڻو کي   2 مھينا اڳ راڄوڻي طور واپس ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪا ھينئر پنهنجي مائٽن وٽ ترسيل آهي.