اسلام آباد (م ڊ) ايف بي آر ٽيڪس چوري ۾ ملوث 5 لک ماڻهن جون سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي منظوري ايف بي آر چيئرمين ڏئي ڇڏي. فيڊرل بورڊ آف روينيو 20 لک ٽيڪس چورن جي نشاندهي ڪئي آهي پر موبائل ڪمپنين جي درخواست تي شروعاتي طور 5 لک سمون بلاڪ ڪيون وينديون. هڪ لک نان فائلرز جي سڃاڻپ ايف بي آر جي براڊننگ ٽو ٽيڪس بيس سان ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ ايف بي آر چيئرمين نان فائلرز جا سم ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر وٽ نان فائلرز جي سم ڪارڊن کانسواءِ بجلي ڪنيڪشن ڪاٽڻ جا به اختيار آهن، ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن خلاف هر سطح تي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. فيڊرل بورڊ آف روينيو ٽيڪس ادا نه ڪندڙن خلاف نوٽيس به موڪليا هئا پر انهن طرفان به ريٽرن جمع نه ڪرائڻ جي حوالي سان ايف بي آر، پي ٽي اي ۽ ٽيلي ڪام آپريٽرز وچ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ان فيصلي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.