دادلغاري (ن پ ا) گذريل ٽن ڏينهن کان گم ٿيل نوجوان امام بخش پتافي جي وارثن نوجوان جي اغوا جي تصديق ڪئي آهي، ان حوالي سان نوجوان جي وارثن رمضان پتافي ۽ فيض الرحمان ٻڌايو ته اسان جي نوجوان جو جيئن نمبر آن ٿيو ته فون تي ڳالھه ٿي، ڏوهارين اسان کي چيو ته اوهان 20 لکن جو بندوبست ڪيو، توهان جي نوجوان کي اغوا ڪري ورتو آھي، نوجوان جي وارثن وڌيڪ چيو ته اسان غريب آهيون، ڀنگ نٿا ڀري سگهون، نوجوان کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مامري جي جاچ ڪرڻ لاءِ ڊي ايس پي کي هدايت ڪئي آهي.