پنوعاقل: ڪچي ۾ پوليس چڙهائي، هٿياربندن هٿان ڊي ايس پي زخمي

0
372

پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ پوليس چڙهائي دوران جوابدارن جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي پنو عاقل سعيد شيخ ٿي زخمي ٿي پيو، جنهن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن ڪلوڙ مغوين جي بازيابي لاءِ ريڊ ڪئي ته تيغاڻين حملو ڪيو، جنهن ۾ ڊي ايس پي زخمي ٿيو آهي.