سرحد (ن پ ا) سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ رمضان ڪورائي ۾ مبينا طور جوابدار اشتياق ڪورائي مال چاريندڙ 14 ورهين جي نينگر عبدالحفيظ ولد محمد عارف ڪورائي سان بدفعلي ڪئي، ان حوالي سان متاثر نينگر عبدالحفيظ ڪورائي ٻڌايو ته آءُ مال چاري رھيو ھيس ته اشتياق ڪورائي زبردستي ڳوٺ ڀرسان زمين تي وٺي وڃي بدفعلي ڪئي، نينگر وڌيڪ ٻڌايو ته رڙيون ڪرڻ تي جوابدار فرار ٿي ويو، جڏهن ته واقعي جو اطلاع ملڻ بعد سرحد پوليس متاثر نينگر کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس پاران واقعي جي سرحد ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرڻ بعد الزام هيٺ آيل جوابدار جي ڀاءُ مشتاق ڪورائي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ ھو ته نينگر کي ميڊيڪل ليٽر ڏنو آھي، رپورٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو، جوابدار جو ڀاءُ گرفتار ڪيو آهي جاچ ڪري رهيا آهيون.