گوجرانوالا (م ڊ) گوجرانوالا ۾ نواز ليگ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عطاءُ تارڙ سوڌو گرفتار ليگي ڪارڪنن ضمانت تي آزاد ٿي ويا، عطاءُ تارڙ عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته مونکي عمران خان ۽ وزيراعليٰ پنجاب جي پرنسپل سيڪريٽري جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو، رات پيغام ڏنو ويو ته پرنسپل سيڪريٽري طاهر خورشيد سان رابطو ڪريو، علي پور چٺا پوليس عطاءُ تارڙ ۽ ٻين ليگي ڪارڪنن کي پوليس اهلڪارن کي ڌمڪيون ڏيڻ، وردي ڦاڻڻ ۽ حملي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو.