نور پھرين منزل تان ڪري در ڏانھن ڊوڙي: فوٽيجز ۾ وڌيڪ تفصيل سامھون اچي ويا

0
351

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نور مقدم ڪيس بابت سي سي ٽي وي ۾ وڌيڪ تفصيل سامھون اچي ويا، اسلام آباد ۾ وحشي نموني سان قتل ڪيل اڳوڻي سفير جي ڌيءَ نور مقدم پھرين منزل تان ھيٺ ڪرندي در ڏانھن ڊوڙي پر جوابدار ظاھر جعفر ھُن کي گھليندي اندر کڻي ويو ۽ در بند ڪري ڇڏيو، ان واقعي متعلق سامھون ايندڙ وڊيو ۾ گارڊ بھ نظر اچي رھيو آھي، پر ھُن جوابدار کي روڪڻ جي ڪوشش نھ ڪئي، وڊيو موجب بحالي مرڪز جي ٽيم ڪجھ دير بعد جوابدار جي گھر پھتي ۽ ٽيم جي اچڻ کان اڳ ئي جوابدار نور مقدم کي قتل ڪري چڪو ھو.