لاهور (م ڊ) نواز ليگ آزاد ڪشمير اليڪشن جا نتيجا تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو ته آزاد ڪشمير اليڪشن جا نتيجا قبول ناهن ڪيا ۽ نه وري ڪنداسين، اسان ته 2018ع جا به نتيجا قبول نه ڪيا آهن ۽ نه وري هن جعلي حڪومت کي مڃيو آهي. هن چيو ته هن بي شرم ڌانڌلي تي ڪهڙي حڪمت عملي هوندي، ان بابت پارٽي جلد فيصلو ڪندي. ٻئي طرف نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عام ماڻهن جو رزلٽ اچڻ تائين نواز ليگ اڳتي هئي، رزلٽ رڪجڻ بعد ووٽ چور اڳتي اچي ويا، 25 جولاءِ 2021ع اصل ۾ 2018ع جو ري پلي هو، مريم نواز چيو ته عمران خان جو ووٽ تي نه پر ووٽ چوري، آر ٽي ايس، اي ٽي ايمز ۽ مافيا تي پڪو اعتماد آهي.