مظفرآباد (م ڊ) آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف 25 سيٽون کٽي سادي اڪثريت حاصل ڪري ورتي، آساني سان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي. آزاد ڪشمير جي 44 تڪن جي غيرسرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف 25 سيٽون کنيون، پيپلزپارٽي 11 سيٽن تي ڪاميابي سان ٻئي نمبر تي آهي، نواز ليگ 6 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته مسلم ڪانفرنس ۽ ڄمون ڪشمير پيپلزپارٽي هڪ، هڪ سيٽ کٽي. جڏهن ته هڪ تڪ ايل اي 16 جا نتيجا روڪيا ويا، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن مطابق ايل اي 16 جا نتيجا پولنگ اسٽيشنز تي جهيڙي دوران بيلٽ پيپر ضايع ٿيڻ ڪري روڪيا ويا آهن. رپورٽ ٿيڻ کان رهيل تڪن ايل اي 2 ميرپور جي غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب پيپلزپارٽي جو قاسم مجيد 10377 ووٽ کڻڻ تي ڪامياب قرار ڏنو ويو، پي ٽي آءِ جي چوڌري ظفر انور 9110 ووٽ کنيا. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب اليڪشن ۾ ٽرن آئوٽ 62 سيڪڙو رهيو، ذريعن موجب تحريڪ انصاف سڀ کان وڌيڪ 6 لک 13 هزار 590 ووٽ حاصل ڪيا ۽ پي ٽي آءِ پاران کنيل ووٽن جي شرح 32.5 آهي. ذريعن موجب نواز ليگ 4 لک 91 هزار 91 ووٽ کنيا، جنهن جي ووٽن جي شرح 25.65 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي کي 3 لک 49 هزار 895 ووٽ مليا، جنهن جي ووٽن جي شرح 18.28 آهي. آل ڄمون ڪشمير مسلم ڪانفرنس هڪ لک 53 هزار 861 ووٽ کنيا. ٻئي طرف آزاد ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪمشنر عبدالرشيد چيو ته وزيراعظم کي احساس ٿيڻ گهرجي ها، علي امين گنڊاپور تي پابندي آهي، هو ان کي گڏ ڇو وٺي آيو؟ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ ڪنهن به پارٽي اڃا تائين ڌانڌلي جي لکت ۾ شڪايت نه ڪئي آهي.