مظفرآباد (م ڊ) نواز ليگ آزاد ڪشمير اليڪشن جي پارٽي اميدوار اسماعيل گجر کي ڀارت کان مدد گهرڻ جي ڌمڪي واري بيان تي نوٽيس موڪلي ڇڏيو، هفتي ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته اسماعيل گجر بيان تي جواب جمع نه ڪرايو ته ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي قدم کنيو ويندو.