ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي)ڪراچي جا هڪئي ڏينهن ۾ 4 ڊپٽي ڪمشنر تبديل، ڪورنگي ۽ اولهه ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، هٽايل بااثر ڪامورن هڪ ڪلاڪ ۾ پاڻ کي بحال ڪرائي سڻڀيون پوسٽون به حاصل ڪري ورتيون! اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو کي به رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي سروسز کاتي جي اختيارين اولهه ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍو ۽ ڪورنگي جي ڊي سي عرفان سلام کي هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو، نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جي هڪ ڪلاڪ بعد 18هين گريڊ جو آفيسر سليم الله اوڍو تعليم کاتي جي پروجيڪٽ ۾ پي ڊي مقرر ٿي ويو، جڏهن ته ڪورنگي مان هٽايل ڊي سي عرفان سليم پاڻ کي بحال ڪرائيندي پنهنجون خدمتون ڪي ايم سي حوالي ڪرائي ڇڏيون. هوڏانهن سروسز کاتي جي اختيارين ڪراچي سينٽرل جي ڊي سي محمد بخش عرف راجا ڌاريجو کي بدلي ڪري ڪورنگي ۾ ڊي سي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته طحيٰ سليم کي وري ڊي سي سينٽرل جي خالي ٿيل سيٽ تي مقرر ڪيو ويو. شهريار گل کي ڊي سي ويسٽ مقرر ڪري آصف جان صديقي کي ڊي سي اوڀر واري ڪافي هفتن کان خالي پيل عهدي تي مقرر ڪيو ويو. ٻئي طرف ميرپورساڪرو جي اسسٽنٽ ڪمشنر سجاد ابڙو کي هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته لکي مان بدلي ڪيل اي سي سبحان شورو کي اي سي ميرپور ساڪرو مقرر ڪيو ويو.