ڪوٽڙي (رپورٽر) ڀان سيد آباد ۾ قتل ٿيل نورين فاطمه مهر ڪيس ۾ ايس ايس پي ڄامشورو جو بيان سامهون اچي ويو آهي
ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته نورين مهر جو والد ۽ ننڍو ڀاءُ بيان ڏيڻ کان لنوائڻ لڳا آهن، ڀان سيد آباد ۾ قتل ٿيل نورين مهر ڪيس ۾ سندس والد ۽ ننڍو ڀاءُ جاچ ۾ بيان ڏيڻ کان لنوائڻ لڳا
ايس ايس پي ڄامشورو جو چوڻ آهي ته نوٽيس موڪلڻ باوجود احسن ۽ سندس والد محمد علي بيان ڏيڻ لاءِ ناهن آيا
نورين جو والد ۽ ڀاءُ قتل ۾ ملوث هجڻ جون شاهديون ملڻ بعد کيس جاچ ۾ شامل ڪري بيانن لاءِ نوٽيس موڪليا ويا
ڪيس جو حتمي چالان سموريون شاهديون۽ ثبوت گڏ ڪرڻ کانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو