نورين فاطمه جو والد ۽ ننڍو ڀاءُ بيان ڏيڻ کان لنوائڻ لڳا

0
656

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڀان سيد آباد ۾ قتل ٿيل نورين فاطمه مهر ڪيس ۾ ايس ايس پي ڄامشورو جو بيان سامهون اچي ويو آهي

ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته نورين مهر جو والد ۽ ننڍو ڀاءُ بيان ڏيڻ کان لنوائڻ لڳا آهن،  ڀان سيد آباد ۾ قتل ٿيل نورين  مهر ڪيس ۾ سندس والد ۽ ننڍو  ڀاءُ جاچ ۾ بيان ڏيڻ کان لنوائڻ لڳا

ايس ايس پي ڄامشورو جو چوڻ آهي ته نوٽيس موڪلڻ باوجود احسن ۽ سندس والد محمد علي بيان ڏيڻ لاءِ ناهن آيا

نورين جو والد ۽ ڀاءُ قتل ۾ ملوث هجڻ جون شاهديون ملڻ بعد کيس جاچ ۾ شامل ڪري بيانن لاءِ نوٽيس موڪليا ويا

ڪيس جو حتمي چالان سموريون شاهديون۽ ثبوت گڏ ڪرڻ کانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو