گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن:سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم

0
202
گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن:سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم
گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن:سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم

 ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شادمان مان گم ٿيل نوجوان فراز سميت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس شمس الدين عباسي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران وڪيل اڳواڻ عدالت پهچي ويا، وڪيلن چيو ته عدالتن ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي، ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته اسين فوري طور عدالت ڇڏي نه وينداسين، ڪجھ ضروري ڪيسن ھلائڻا آھن، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت شھري فراز جي گمشدگي واري ڪيس ۾ 29 مئي تي پوليس ۽ ايف آءِ اي کان جواب گھري ورتو  آهي

عدالت جو چوڻ هو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن، گم ٿيلن کي فوري طور بازياب ڪرايو پڃي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ محمد فيصل، محمد امين، محمد الياس، عمر صديقي ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ درخواستون داخل ڪيون ويون