راولپنڊي: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته تڪراري انداز ۾ اليڪشن ڪرائڻ سان پاڪستان تباهيءَ جي ور چڙهي ويندو، هڪ شخص جو هوڏ قبول نه آهي
راولپنڊي ۾ وڪيلن جي ڪنونشن کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته چونڊون ڪرائڻ تي سياسي جماعتون، اليڪشن ڪميشن، سينيئر جج ۽ سيڪيورٽي ادارا به متفق نه آهن
هن چيو ته اهو چيو پيو وڃي ته اسان شايد چونڊن کان گهٻرائي رهيا آهيون، اسان سدائين چونڊون وڙهيون آهن ۽ ووٽ جي طاقت سان اقتدار ۾ آيا آهيون
راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان ڪڏهن به سليڪٽ ٿي نه آيا آهيون، تڪراري انداز ۾ ٿيندڙ چونڊون ملڪ جي تباهيءَ جو سبب بڻجنديون، اسان ان تباهيءَ جي راهه ۾ رنڊڪ بڻيل آهيون
هي به پڙهندا
ڪڏهن به عدالت ڪنهن آمر کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ جي جرئت نه ڪئي: مريم نواز