گـُڙدن ۽ جَيري جي مريضن لاءِ بلاول خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

0
256

گمبٽ: پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي عوام کي گـُڙدن ۽ جَيري جي علاج لاءِ هاڻي ڀارت نه وڃڻو پوندو، گمبٽ جي گمس اسپتال معياري علاج جي معاملي ۾ دنيا جي ڪنهن به اسپتال جو مقابلو ڪري سگهي ٿي

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ ڦڦڙن جي پيوندڪاري واري شعبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ملڪ ۾ ڦڦڙن جي پيوندڪاري جو اهو پهريون شعبو هوندو

بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي پهرين هيلٿ سٽي ۽ دوائن جي يونٽ جي پيڙهه جو پٿر به رکيو، گمس جي ڊائريڪٽر رحيم بخش ڀٽي چيو ته هيلٿ سٽي جي قيام لاءِ هڪ هزار ايڪڙ زمين گهربل آهي، بجيٽ به وڌائي ڏني وڃي

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گمس جي بهتريءَ لاءِ سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان ججز ئي مطمئن نه آهن، عوام ڪيئن مطمئن ٿيندو؟ مراد علي شاهه