گولاڙچي ۽ بدين ۾ ڏٽن جون بازارون …

0
137
گولاڙچي ۽ بدين ۾ ڏٽن جون بازارون ...

 يوسف جاني پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گولاڙچي ۽ بدين ۾ ڏٽن جون بازارون….. اسان جي علائقي جا معزز سائين … مقدس مھيني جو احترام ڪريو، ھوئين به سالن کان تڪ جي عوام کي جيڪو ريليف ڏنو ويو آهي اھا تڪ جي عوام کي خبر آهي،

                         اسان ايترو چونداسين ته ڀلاري مهيني جو احترام ڪريون، مقدس ڀلاري مهيني ۾ ڏٽا بازارون جيڪي لڳايون ويون آهن انهن ۾ گولاڙچي جي بچت بازار ۾ گڏھ  موجود آهن ۽ بدين جي بچت بازار ۾ وري پاپا رکيا ويا آهن، باقي عوام کي رليف ڏيڻ کان جواب. فوٽو نڪتا ڪم لٿو. جنهن تي عباس علي ميمڻ لکيو ته بچت بازارن ۾ ڪجهه به ناهي رڳو فوٽو سيشن آهي،

                         شوڪت ميمڻ، منير جت، وسيم اشرف، علي حيدر جتوئي به ردعمل ڏنو، وفا چانڊيو لکيو ته اهي رڳو پئسا ڪمائڻ ۾ پورا آهن،

                         واحد چانگ لکيو ته چار فوٽو ڪڍرائي عوام تي ٿورو ڪري هليا وڃن ٿا بس، امير ڏاهري لکيو ته بلڪل عوام سورن ۾ آهي صاحب رڳو فوٽو ڪڍرائڻ ۾ پورا آهن، حبيب الله خان لکيو ته اها به اي سي جي مهرباني جو صبح سوير انهن کي وٺي آيو آهي.