ڪنڌڪوٽ/ ڪشمور (نمائندن وٽان) ايس ايس پي عرفان سمون ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي مقرر پوليس آفيسرن، سميت 22 پوليس اهلڪارن کي ڏوهارين جو ساٿاري هجڻ جي الزام ۾ نوڪرين مان فارغ ڪري ڇڏيو آهي، اي ايس آءِ عبدالقادر بنگوار، ايڇ سي قربان بنگوار، عبدالوهاب گهنڃو، شبير بنگوار، عبدالڪريم مزاري، محمد صادق پنهور، علي اڪبر پنهور، شاهنواز مهر، امان الله بنگوار، محمد امين سبزوئي، محمد عارف مزاري، قاصد علي نواز ڀيو، لکمير اوڏ ،بنگل خان کوسو، نجم الدین مزاري، شوڪت علي بنگوار، نبي داد منگي، طارق علي مزاري، عبداالله ٽانوري، زاھد حسين انصاري، محمد عثمان ملڪ بابو مير هزار سولنگي، کي ڊسمس فرام سروس ڪيو ويو آهي ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون جو چوڻ آهي ته ڪشمور ضلعي ۾ پوليس آفيسرز ۽ پولیس اھلڪار ڌاڙيلن جا سھولتڪار ،ڏوهن ۾ ملوث ھئا جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ملوث 22 اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ڏوھارين جي ساٿاري ڪنهن به پوليس وردي واري کي بخش نه ڪيو ويندو پوليس عوام جي محافظ آهي ڏوهن ۾ ملوث ھئڻ ڪري پوليس ڊپارٽمينٽ بدنامي جو سبب بڻجي ٿو.