سکر(بيورو رپورٽ) سپلا نائين کان ٻارهين تائين امتحان ٿرڊ پارٽي کان وٺڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏي. فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو. سپلا سکر ريجن جي صدر پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو ۽ ٻين عھديدارن پروفيسر غفران الله بلوچ. پروفيسر زينب  فاطما، پروفيسر محمد سانول گھوٽو، پروفيسر شمس الدين ساريو، پروفيسر نورمحمد ملڪ، پروفيسر ملھار سنڌي پنھنجي گڏيل پريس بيان ذريعي سرڪار جي ان نادري حڪم کي رد ڪيو آھي  ته “نائين ڪلاس کان وٺي انٽر تائين امتحان ٿرڊ پارٽي وٺندي سپلا اڳواڻن سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو آھي ته اھا ڪھڙي تعليم دوستي آھي ته بنا ڪنھن رٿابنديءِ جي امتحان ڪنھن نئين ڌر حوالي ڪيا وڃن. اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو آھي ته سنڌ جي نئين نسل تي اجايا تجربا ڪري سندن مستقبل کي اوڙاهه حوالي نه ڪيو وڃي، امتحان وٺڻ بورڊن جو ڪم آھي انهن جي ڪارڪردگي تي نظر ثاني ڀلي ڪريو پر امتحان ٿرڊ پارٽي حوالي ڪرڻ نه ڏنا ويندا. سپلا اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسان کي پنھنجي ادارن جي وارثي ڪرڻ ايندي آھي جيڪڏھن اھڙو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.