الله ايئن م هوءِ ، جو ڪتابن ۾ پڙھجي !

0
217
الله ايئن م هوءِ ، جو ڪتابن ۾ پڙھجي !

 ٻولي قومن جي سڃاڻپ ھوندي آھي. دنيا جون ڪيريون ئي ٻوليون جتي ارتقائي منزل طرف وڌيون آھن اتي ڪيتريون ئي ٻوليون زوال جو پڻ شڪار رھيون آھي. پاڪستان ۾ به ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالھايون وينديون آھي جن ۾ سنڌي ۽ اردو ٻنھي کي تاريخي ٻولين جي اھميت حاصل آھي. حالانڪه اردو ٻولي کي قومي ٻولي جو اعزاز اڳ کان ئي ملي چڪو آھي پر سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ ھن ٻولي ۽  ٻولي ڳالھائيندڙن سان ڪنھن زيادتي کان گھٽ ناھي. ھن وقت ملڪ چار صوبن ۾ ورھايل آھي جن سڀني صوبن مان سنڌ پنھنجو الڳ تاريخي معيار رکي ٿي. سنڌي ٻولي جي ابتدا موئن جي دڙي جي عظيم تھذيب کان ٿي، موئن جي دڙي جي وقت ۾ به سنڌي ڳالھائي ويندي ھئي. سنڌ پنج کان ست ھزار سال اڳ جي قديم ڌرتي ھئڻ باوجود به سرڪاري سطح تي ھن ٻولي کي ڪو به مان ناھي مليو سگھيو. سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ٻولين جي حيثيت سان سڃاتي وڃي ٿي. جڏھن ته ھن ٻولي کي پنھنجو(ادب) پڻ حاصل آھي. مطلب ته ڪي اھڙيون به مادري زبانون يعني خانداني ننڍيون زبانون ھونديون آھن جن کي پنھنجو ادب ناھي ھوندو. پاڪستان ۾ به ڪافي اھڙيون ننڍيون ٻوليون آهن جن کي پنھنجو ادب ناھي پر، اردو۔سنڌي ٻنھي کي اھو مقام حاصل آھي جو ھنن ٻولين کي پنھنجو ادب آھي! جيڪو دنيا جي ادبن ۾ شمار ڪيو پڙھيو وڃي ٿو! مٿي ذڪر ڪيل ڳالھه ته سنڌي ٻولي ھزارين سال قديم ٻولي ھئڻ جو اعزاز به رکي ٿي، ٻئي پاسي سنڌ ٻولي جي جيڪا باقائدي واڌ ويجھه ٿي يا سنڌي ٻولي جنھن وقت وڌيڪ ارتقائي منزلون ماڻيون آھن ته اھو (ڀٽائي سرڪار) جي دؤر کان ٿيو آھي. سنڌي ٻولي جي وڏي ۾ وڏي خوشنصيبي اھا به آھي جو ھن ٻولي کي ڪيترا ئي بزرگ ۽ انقلابي شاعر نصيب ٿيا آھن جن ۾ڀٽائي سرڪار،شيخ اياز سميت ٻيا ڪيترائي نالا اچي وڃن ٿا! ھڪ پاسي ڏسون ٿا ته سنڌ جي شاعرن سنڌي ٻولي کي پنھنجي شاعري ۾ اھڙو ته موتين جيان چٽي ڇڏيو آھي جو ٻولي جي ختم ٿيڻ جو  خطرو ئي نه ٿو ٿئي ۽ وڌيڪ فخر محسوس ٿئي ٿو! پر ويجھي وقت جي شاعر ( نارائڻ شيام) جون ھي سٽون پڙھندي ۽ وري موجوده وقت ۾ سنڌي ٻولي کي ڏسندي ڊپ به ٿو لڳي، الله ايئن م هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙھجي،ته ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي! اسان نارائڻ شيام جي ھنن لفظن جي پسمنظر ۾ وڃون ٿا ته سوچيون ٿا ته عرصو اڳ جڏھن شاعر ٻولي کي خطرو ڏيکاريو ھو تنھن وقت ۾ به ايترو خطرو محسوس ڪونه ڪيو ويندو ھوندو جيترو شايد ھن وقت محسوس ڪيو وڃي پيو! ھڪ ڳالھه ياد رکڻ گھرجي ته تخليق ذھن ھميشه خانداني يعني مادري ٻولين ۾ جنم وٺندا آھن جيڪي مادري زبان کي ڇڏي ٻين ٻولين ۾ اچي اڙبا آھن تڏھن اتي تخليقي صلاحيت کي مات ملي ويندي آھي! شاھه لطيف کان ويندي شيخ اياز جھڙن مفڪرن،شاعرن به مادري ٻولي ۾ شاعري ڪئي آھي، مطلب ته مٿي ذڪر ڪيل ڳالھه نارائڻ شيام واري ڳالھه آھي ھن وقت دل ۾ ڌڪ تڏھن لڳندو آھي جڏھن اسان سنڌي پنھنجي اباڻي ٻولي کي نظر انداز ڪري وڏي فخر سان گھر ۾ انگريزي، اردو ڳالھائڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيون ٿا!  انسان پنھنجي زندگي ۾ 7 يا 8 ٻوليون سکي سگھي ٿو جڏھن ڪو به شخص سڀئي ٻوليون ڳالھائيندڙ ھجي پر سڀ کان اھم ان لاءِ مادري زبان  ھجي ٿي. ڀانيان ٿو ته ڪٿي ڪٿي جيڪي سنڌ واسي پنھنجي اولاد سان سنڌي ٿي ڪري گھرن ۾ اردو، انگريزي ڳالھائيندا آھي، انھن کي اھو ئي عرض آھي خدارا ھي ترقي نه پر ھٿ سان پنھنجي تباھي پيا ڪريو پنھنجي ھزارين سال قومي سڃاڻپ کي ڇڏي توھان ڇو ٻين قومن ۾ شمار ٿيڻ چاھيو ٿا؟ ھن وقت پاڪستان ۾ قومي ٻولي زبان اردو جڏھن ته دفتري ٻولي انگريزي کي اھميت حاصل آھي. اھڙي طرح سنڌ  ۾ جيڪو وڌ کان وڌ زور ڀريو پيو وڃي اھو اڪثر انگريزي زبان سکڻ تي زور ڀريو پيو وڃي اسانجا سنڌي ڀائر ۽ ڀينرون جيڪي سنڌي کان ھٽي انگريزي طرف وڌن پيا تن کي ھتي آئون پنھنجي قديم سنڌي ۽ انگريزي ٻولي جي ڀيٽ ڪري ٿو ڏيکاريان ته آخر سنڌي ٻولي جي ايتري اھميت ڇو آھي ؟ مختصر مثال وٺجي ۽ ڏسجي ته اسان پنھنجن رشتيدارن کي جڏھن نالي سان سڏيندا آھيون تڏھن اسان جي ٻولي ۾ سڀئي لفظ الڳ الڳ ورھايل آھن جيئن امڙ يا امان،سس،ڀيڻ ۽ سالي، سالو وغيره. ڏسو انگريزي اھا ٻولي آھي جيڪا  ماءُ کي سس سان گڏي ٿي ته، سس کي ماءُ سان،ناني ۽ ڏاڏي سان به گڏي ٿي! مثال: Mother and Mother in Law ، Sister sister in Law مطلب ته انگريزي جو ھڪ لفظ ماءُ کي ناني، ڏاڏي،سان ويندي پڙ ناني پڙ ڏاڏي سان ڳنڍي ٿو. ھڪ لفظ ڀيڻ کي وڃي سالي سان ڳنڍي ٿو اھڙي طرح اصلي فادر کي سھرو سان ڳنڍي ٿو سوچيو ٿورو سنجيدگي سان ۽ اھو ويچار ڪريو ته ڇا اسان جي سنڌي ٻولي جا اھي سمورا لفظ الڳ الڳ ناھن؟ پوءِ  ڇو اچي ڌارين ٻولين جي پويان پيا آھيون؟ جڏھن اسانجي قديم ٻولي ايترو مقام ۽ وسيع حيثيت رکي ٿي! اھم ڳالھه ته اسڪولن کان ويندي گھرن تائين جتي جتي به پڙھيل لکيل خاندانن ۾ پنھنجي ٻولي کان سواءِ انگريزي کي اھميت ڏني وڃي پئي ان جو راز ھتي سرڪاري طور تي انگريزي کي وڏو درجو حاصل آھي جيڪو سڀ ڪجھه ھتان جي قديم ٻولين سان زيادتي آھي!  سنڌ ۾ امتحانن کان ويندي نوڪرين جي ٽيسٽ دؤران به سنڌي ٻولي کي شامل نٿو ڪيو وڃي سواءِ نصابي ٽيسٽ جي، جنھن ڪري جيڪي ماڻھو قوميت کان ھٽي انفراديت سان سوچين ٿا جيڪي جديد ترقي خاطر سنڌي صحيح پڙھي ٿا سگھن نه ئي لکي ٿا سگھن! جنھن تي سنڌ جو دانشور طبقو فڪر مند آھي! ھھڙي  مايوسي واري ڪفيت ۾ سڀني سنڌي واسين ھر سنڌي ڳالھائيندڙ  مرد ۽ عورت سان گڏ خاص طور تي سنڌي ادبي سنگت پاران ھلندڙ وقت ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ خاطر ٿيندڙ ڪوششون اميد رکون ٿا رنگ ضرور لائينديون ۽ گڏيل طور سڀئي سنڌ واسي گڏجي پنھنجي قديم ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۾ ضرور ڪامياب وينداسين. جنھن جو سھرو سڀني سميت خاص طور تي سنڌي ادبي سنگت جي دوستن ڏانھن ھوندو! جنھن ۾ سنڌي اديب، دانشور ليکڪ ۽ ليکڪائون جيڪو به ڪم ڪري رھيا آھن يقينن اھو قابل تحسين ۽ قابل احترام آھي. سنڌي ٻولي کي نئين سر جيارڻ ۽ مقام ڏيارڻ  خاطر اسان ھن زبردست عمل جي دل سان آجيان ڪريون ٿا!!

 الله ايئن م هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙھجي

 ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي (نارائڻ شيام)