اسان کي جدا نه ڪيو: اڪري چودڳي ۾ زال مڙس جون مائٽن کي منٿون

0
393

اڪري چودڳي (رپورٽر) اسان کي جدا نه ڪيو، اڪري چودڳي ۾ زال مڙس جون مائٽن کي منٿون، والدين پاران زبردستي روڪڻ باوجود ناري مڙس سان ملڻ لاءِ گهران نڪري پئي، ناري جي والدين پاران ڳوٺ اميربخش خاصخيلي وٽان ناري ۽ سندس مڙس کي پڪڙي ورتو

زال مڙس هڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو، اسان کي جدا نه ڪيو جون منٿون ڪيون ويون، اطلاع تي اڪري پوليس پهچي زال مڙس کي ٿاڻي تي کڻي وئي،  ناري جا وارث پوليس ڏسي فرار ٿي ويا

ناري ڪائنات ملاح جو چوڻ هو ته مڙس سان رهڻ چاهيان ٿي پر مائٽ زبردستي ٻئي هنڌ پرڻائڻ چاهين ٿا، ناري جي مائٽن موجب ڪائنات جو مڙس علي رضا نشي جو عادي آهي، نياڻي کان بدپيشو ڪرائي ٿو تشدد جا الزام ڪوڙا آهن

هي به پڙهندا

ٽنڊو مستي ويجهو جوڙو مبينا طور اغوا بعد بازياب، 8 جوابدار گرفتار