اسلام آباد: تحريڪ انصاف پاران رهيل 44 ايم اين ايز جون استعيفائون واپس وٺڻ جو فيصلو، عمران خان جي هدايت تي 44 ايم اين ايز استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ قومي اسيمبلي پهچي ويا
عامر ڊوگر جي قيادت ۾ پهتل ايم اين ايز کي پارليامينٽ جي گيٽ تي روڪيو ويو، ايم اين ايز پاران پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويو
اسد عمر ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسپيڪر اسان جي سمورن ميمبرز جي اڃا تائين استعيفا منظور نه ڪئي آهي، ان ڪري پارٽي چيئرمين جي هدايت تي 44 ميمبرز به پنهنجيون استعيفائون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي
کیونکہ سپیکر ابھی تک تمام اسمبلی ارکان کے استعفے قبول نہیں کر رہے، اس لئے پارٹی چیئرمین کی ہدایات کے مطابق 44 ارکان اسمبلی نے اپنے استعفے واپس لینے کا فیصلہ سپیکر قومی اسمبلی کو ای میل کر دیا ہے. اگلا قدم اپوزیشن لیڈر کی نامزدگی ہو گی. pic.twitter.com/qx86MCyTBK
— Asad Umar (@Asad_Umar) January 23, 2023
اسد عمر پنهنجي ٽويٽ ۾ استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ پهتل ايم اين اين ايز جا نالا به جاري ڪري ڇڏيا
هي به پڙهندا
غلام محمود ڊوگر تي اعتراض: عمران خان تي حملي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جا سمورا ميمبر تبديل