غلام محمود ڊوگر تي اعتراض: عمران خان تي حملي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جا سمورا ميمبر تبديل

0
164
غلام محمود ڊوگر تي اعتراض

وزيرآباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي حملي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پاران سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر تي اعتراض اٿڻ بعد جي آءِ ٽي جي ميمبر کي تبديل ڪيو ويو آهي

سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ عمران خان تي حملي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي ۾ نون ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

وزیرآباد فائرنگ؛ تحقیقات کرنے والی جے آئی ٹی کے تمام ارکان تبدیل کردیئے گئے

جاري ڪيل پڌرائي موجب جي آءِ ٽي جي نون ميمبرن ۾ ڊي پي او ڊي جي خان محمد اڪمل، ايس پي انجم ڪمال، ڊي ايس پي سي آءِ اي جھنگ ناصر نواز شامل آهن، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به کاتي جو چوٿون ميمبر مقرر ڪرڻ جو فيصلو جي آءِ ٽي کي آهي

ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته نون ميمبرن جي مقرري ان وقت ڪئي وئي جڏهن پراڻي جي آءِ ٽي ۾ اختلاف پيدا ٿيا، پراڻن ميمبرن جي آءِ ٽي سربراهه کان جاچ ڪئي ۽ طريقيڪار تي اعتراض ڪيو، اڳوڻي ميمبرن غلام محمود ڊوگر کان سياسي بنيادن تي جاچ جو الزام هنيا ويا هئا

هي به پڙهندا

پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ اپوزيشن پاران ڏنل نالا زرداري ۽ شهباز شريف جا فرنٽ مين آهن:عمران خان

قمر جاويد باجوه، فيض حميد ۽ عمران خان اڄ به هڪ ٻئي جا حامي بڻيل آهن:جاويد لطيف