ڪو وڏو فالٽ ناهي، 12 ڪلاڪن ۾ بجلي مڪمل بحال ٿي ويندي: خرم دستگير

0
234

اسلام آباد:  توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جو ڪو وڏو فالٽ نه آيو آهي، اميد آهي ته ايندڙ 12 ڪلاڪن ۾ پوري ملڪ ۾ بجلي مڪمل طور بحال ٿي ويندي

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته پاور جنريشن جي وقت هڪ هڪ ميگا واٽ کي ڏٺو ويندو آهي ته ان سان پاور ٽيرف تي ڪهڙو اثر پوندو ۽ ٿڌ جي موسم ۾ ڇو تج بجلي جي طلب گهٽ ٿي آهي، ان جي لاءِ سسٽم کي رات جي وقت وڌيڪ سسٽم کي بند ڪيو ويندو آهي ۽ صبح جي وقت هڪ هڪ ڪري سسٽم کي ٻيهر آن ڪيو ويندو آهي

Legal arrangements for more power, gas supplies to KE stalled - Business - DAWN.COM

هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڄ صبح ست وڳي جي ويجهو جڏهن هڪ هڪ ڪري سسٽم کي آن ڪيو پئي ويو ته ان دوران ڄامشورو ۽ دادو جي وچ ۾ فريڪوئنسي جي کوٽ جي ڪري بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته بريڪ ڊائون اتر کان ڏکڻ  تائين آيو آهي ۽ اسان آهستي آهستي ڏکڻ کان اتر جي طرف سسٽم بحال ڪري رهيا آهيون

هي به پڙهندا

اسلام آباد: نيشنل گـــِرڊ ۾ خرابي سبب بجليءَ جو ملڪ گير بريڪ ڊائون

نيشنل گرڊ ۾ فريڪوئنسي گهٽ هجڻ سبب ٻين شهرن جيان ڪراچي به متاثر ٿيو آهي: ڪي اليڪٽرڪ ترجمان