ايوارڊ شو ۾ پنهنجا نوازي طور ايوارڊ ڏنا ويندا آهن: فيصل قريشي

0
189
ايوارڊ شو ۾ پنهنجا نوازي

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار فيصل قريشي شوبز ايوارڊ شوز بابت اهم انڪشاف ڪري ڇڏيو آهي. هڪ تازي انٽرويو ۾ اداڪار انڪشاف ڪيو آهي ته ماڻهن کي پنهنجي پرفارمنس سبب ايوارڊ ناهن ملندو بلڪ ان ۾ لابي ۽ فيورٽ ازم جو چڪر هوندو آهي

هن ٻڌايو ته ڪنهن کي به شوبز ايوارڊ ملڻ ۾ شو آرگنائزر، چينلز ۽ اسپانسر برانڊز سڀ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن

فيصل قريشي وڌيڪ چيو ته ايوارڊ شو ۾ پنهنجي پسنديده فنڪارن کي جمع ڪري ايوارڊن سان نوازيو ويندو آهي. اداڪار چيو ته هڪ زماني ۾ اهو به فيوريٽ رهيو آهي پر هاڻي مان ان جو پرواهه ناهيان ڪندو